اسلام آباد – 07 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته فوٽو جرنلسٽ، وڊيو جرنلسٽ ۽ ڊجيٽل پروڊيوسرز، نيوز ۽ ڪرنٽ افيئرز پروڊيوسرز پوري دنيا ۾ صحافي طور سڃاتا ويندا آهن، صحافين کي وزيراعظم پاران صحت ڪارڊ جي سهولت سميت نئون پاڪستان هائوسنگ اسڪيم ۾ به ترجيحي بنيادن تي شامل ڪيو وڃي.
اهڙن خيالن جو اظهار اطلاعات واري وزير ويمن جرنلسٽ ايسوسيئيشن ۽ وڊيو جرنلسٽس ايسوسيئيشن جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو، جنهن وفاقي وزير سان ملاقات ڪئي. اطلاعات واري وزير چيو ته خبرن ۽ حاضر دور ۾ ڪم ڪندڙ ??ليڪٽرانڪ مي??يا جي فوٽو ۽ وڊيو صحافي ۽ پروڊيوسرز کي پوري دنيا ۾ صحافي قرار ڏنو ويندو آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته صحافين کي وزيراعظم پاران صحت ڪارڊ جي سهولتن سميت نئون پاڪستان هائوسنگ اسڪيم ۾ به ترجيحي بنيادن تي شامل ڪيو وڃي. ان م??قع?? تي وومن جرنلسٽ ايسوسيئيشن جي ج??ائنٽ سيڪريٽري حڪومت کان نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد جون چونڊون 2022ع اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي ذريعي ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ۽ چيو ته هر سال چونڊن جي شفافيت کي صحافي برادري چئلينج ڪندي آهي ج??هن سان اداري ج?? وقار مجروح ٿيندو آهي، وفد چيو ته نيشنل پريس ڪلب جي اميدوارن کي گهرجي ته پنهنجي اثاثن جا گوشوارا جمع ڪرائين ۽ ٽيڪس فائلر ۽ نان فائلر ڊڪليئر ڪن. ويمن جرنلسٽ ايسوسيئيشن مريم نواز ۽ اڳوڻي اطلاعات ۽ نشريات واري وزير پرويز رشيد جي مبينه آڊيو ليڪس جي به ڀرپور مذمت ڪئي ۽ چيو ته سندس اها آڊيو ن ليگ جي پارٽي ج?? اظهار راءِ جي آزادي تي راتاهي ج?? عملي ثبوت آهي. وومن جرنلسٽ ايسوسيئيشن چيو ته مريم نواز جيڪڏهن پنهنجي مرضي سان ن ليگ مي??يا سيل جي طرز تي پاڪستاني مي??يا کي هلائڻ چاهي ٿي ج??ڪا ان جي رياست مخالف بياني ج?? پاسداري ڪري ته اهو ناممڪن آهي. ان م??قع?? تي وڊيو جرنلسٽس ايسوسيئيشن جو اڳوڻو صدر سيد شاهين گرديزي، وڊيو جرنلسٽس ايسوسيئيشن جو فنانس سيڪريٽري محمد جميل اعواڻ، فيصل مسعود خان، سينئر نائب صدر، سينئر ميمبرن عبدالرافع، خالد شاهه، گل خان، ماجد خان به موجود هئا.