اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ??فغانستان ۾ انساني بحران کي منهن ڏيڻ، خوراڪ جي تحفظ ۽ اقتصادي بحالي کانسواءِ دهشتگردي جي روڪٿام جي لاءِ اداراجاتي صلاحيت وڌائڻ جي لاءِ ڇهه نقاطي حڪمت عملي جون تجويزون پيش ڪري ڇڏيون. پارليامينٽ هائوس ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 17 هين غيرمعمولي اجلاس کي پنهنجي افتتاحي خطاب ۾ افغان ??وام جي مدد جي لاءِ ڇهه نقاطي فريم ورڪ جي تجويز پيش ڪندي چيو آ??ي ته اسان کي ميمبر ملڪن ۽ ٻين ڊونرز پاران واعدن سميت افغان ??وام جي فوري پائيدار انساني ۽ مالي مدد جي فراهمي جي لاءِ او آءِ سي جي اندر پليٽ فارم قائم ڪرڻ گهرجي. پرڏيهي وزير چيو ته افغانستان کي انساني الميي کان ??چائڻ جي لاءِ مسلمان ??مت ۽ عالمي برادري کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. پرڏيهي وزير چيو ته اسان کي افغان ??وام جي لاءِ ٻطرفي يا او آءِ سي جي ذريعي افغان نوجوانن کي تعليم، صحت، فني ۽ پي??يو??راڻي مهارت جهڙن شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ تي اتفاق ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته او آءِ سي، گڏيل قومن ۽ عالمي مالياتي ادارن تي ٻڌل ماهرن جو هڪ گروپ جوڙيو وڃي ته جيئن افغان ??وام جي جائز بئنڪاري نظام تائين پهچ کي آسان بڻ??ئڻ ۽ افغان ??وام جي ليڪويڊيٽي چئلينجن کي گهٽ ڪرڻ جي طريقن تي غور ڪري سگهجي. هن چيو ته اسان کي افغان ??وام جي غذائي تحفظ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي جڏهن ته فوڊ سيڪيورٽي بابت اسلامي تعاون تنظيم کي انهن ڪوششن جي قيادت ڪرڻ گهرجي. پرڏيهي وزير چيو ته اسان کي سياسي ۽ سماجي شموليت، انساني حقن خاص طور تي عورتن ۽ ڇوڪرين جي احترام ۽ دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي حوالي سان ??المي برادري جي اميدن تي پورو لهڻ ۾ مدد جي لاءِ افغان ??ملدارن سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ گهرجي. افغانستان ۾ خوفناڪ انساني صورتحال ۽ اتي معاشي بدحالي جي خطرن طرف اشارو ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته هي گڏيل تعاون جو هٿ وڌائڻ جو وقت آهي نه ڪي حمايت روڪڻ جو. هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي ان ڳالهه سان ??تفاق ڪري ٿو ته انساني امداد بنا ڪنهن شرط جي فراهم ڪئي وڃي. هن چيو ته افغانستان ۾ وڏي انساني بحران ۽ اقتصادي تباهي جا نتيجا تباهي آڻيندڙ هوندا. پرڏيهي وزير چيو ته دنيا فوري ڌيان نه ڏنو ته افغانستان ۾ انساني بحران ??دت اختيار ڪري سگهي ٿو، ڪانفرنس دنيا جو ڌيان ??فغانستان ??ي ڇڪرائڻ جي لاءِ تمام اهم آهي، هن وقت افغانستان ۾ جنگ نه ٿي رهي آهي، بک جو مسئلو آ??ي، ان مقصد جي لاءِ افغانستان ۾ معطل بئنڪنگ سسٽم فوري بحال ڪرڻ جي ضرورت آهي.