فيصل آباد – 06 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته حڪومت کي وڌندڙ مهانگائي سبب پيدا ٿيل صورتحال جو احساس آه??، ان لاءِ حڪومت گهٽ آمدني وارن ۽ غريب ماڻهن کي مهانگائي جي لهر کان بچائڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آه??، ان ڏس ۾ 1 ڪروڙ 20 لک خاندانن کي احساس راشن ڪارڊز جي فراهمي لاءِ 120 ارب رپين جي رقم رکي وئي آهي جنهن تحت انهن کي اٽو، داليون، گيهه، چانور، کنڊ ۽ ٻيون ضرورت جون شيون مارڪيٽ کان 30 سيڪڙو سستن اگهن تي ڏنيون وينديون، جيئن ئي عالمي سطح تي مهانگائي ۾ گهٽتائي ٿيندي ا??ان به فوري طور تي قيمتون گهٽ ڪري عوام کي هر ممڪن ريليف ڏينداسين. هلال احمر جي اهتمام هيٺ ڪورونا وبا دوران بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙن ۾ سرٽيفڪيٽس ورهائڻ واري تقريب جي موقعي تي صحافين ??ان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪورونا پوري دنيا کي بري طرح متاثر ڪيو ۽ ڪورونا جي ڪري سڄي دنيا جون معيشتون منفي ۾ هلي ويون پر پاڪستاني معيشت ڪورونا وبا ۾ به ترقي ڪئي ۽ ا??ان ڪورونا وبا دوران بهتر حڪمت عملي ??ان معيشت کي هلايو ۽ ڪورونا دوران ماڻهن کي بيروزگار ٿيڻ نه ڏنو. هن چيو ته عالمي سطح تي کاڄرو تيل ۽ پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون ٻيڻيون ٿي ويون ۽ جيئن ته ا??ان اهي شيون ٻاهران درآمد ڪريون ٿا ان لاءِ ا??ان کي به انهي تناسب تي عمل ڪرڻو پيو. هن چيو ته ڀارت، برطانيا، آمريڪا سميت وڏين وڏين عالمي طاقتن جي جي ڊي پي منفي ۾ هلي وئي پر ا??ان جي جي ڊي پي 4 سيڪڙو کان به وڌ??ڪ تي ره??، ا??ان انڊسٽري بند ٿيڻ نه ڏن??، ا??ان ايس او پيز تحت ڪاروبار جاري رکيو ۽ ڪوويڊ ۾ به ترقي ڪئي. فرخ حبيب چيو ته ڪورونا جي باوجود ا??ان تاريخ جي سڀ کان وڌيڪ برآمدات ڪئ??، ا??ان جي گڊز ايڪسپورٽ 25.4 ارب ڊالر، ٻاهرئين ملڪ مان مٽاسٽا جو ناڻو 30 ارب ڊالر، ٽيڪسٽائيل ايڪسپورٽ گذريل 4 مهينن ۾ 6 ارب ڊالر کان ڪراس ۽ ٻيو روانگي واپار به ساڍا 9 ارب ڊالر رهيو، اهڙي طرح آءِ ٽي جي روانگي واپار ۾ 42 سيڪڙو اضافو نوٽ ڪيو ويو. هن چيو ته اسٽاڪ ايڪسچينجز ۾ بئنڪنگ سيڪٽر، ٽيڪسٽائيل، پيٽروليم، سيمنٽ، انرجي ۽ ٻين سيڪٽرز ۾ زبردست اضافو ٿيو. هن چيو ته اهڙي طرح لون ڊيفالٽرز جي لاءِ پاليسي ٺاهي وئ??، انهن جا قرض ملتوي ڪيا ويا ۽ پي رول منصوبي تحت رقم فراهم ڪئي وئي. هن چيو ته هاڻي پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ايس ايم ايز کي بنا گارنٽي هڪ ڪروڙ رپين تائين قرض ڏنو پيو وڃي، جنهن جي لاءِ انهن کي ڪا شيءَ گروي رکرائڻ جي ضرورت نه آهي. فرخ حبيب چيو ته ا??ان اهو سڀ ڪجهه وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ ڪوويڊ دوران ڪري ڏيکاريو. هن چيو ته پاڪستان ۾ لارج اسڪيل مينوفيڪچرنگ 12.5 سيڪڙو تائين وڌي آهي ۽ پاڪستاني انڊسٽري جي ترقي جو سفر جاري آهي. هن چيو ته گاڏين، موٽرسائيڪلن جي رڪارڊ سيل ٿي آهي ۽ حڪومت جي احساس پروگرام کي دنيا جو سڀ کان بهترين پروگرام قرار ڏنو ويو آهي. هن چيو ته پيپلزپارٽي پنهنجي دور ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت 70 ارب ۽ مسلم ليگ (ن) 100 ارب رپيا رکيا پر ا??ان وسيلا نه هجڻ جي باوجود احساس ڪفالت پروگرام کي 250 ارب تائين وڌايو. فرخ حبيب چيو ته 45 هزار رپين کان گهٽ آمدني وارن خاندانن جي نوجوانن کي 2 لک اسڪالرشپ ڏنيون ويون اهڙي طرح اخوت جي ذريعي به انهن کي اربين رپين جي فراهمي جاري آهي. هن چيو ته مخالف ڌر کي گهرجي ته اها گوڙ ڪرڻ ۽ مايوسي پکيڙڻ ڇڏي ڏي. هن چيو ته پيٽرول 40 ڊالر في بيرل مان 85 ڊالر في بيرل تي هليو ويو آه??، ان لاءِ ان جي قيمت ۾ اضافو لازمي آهي پر جڏهن عالمي منڊي ۾ ان جي قيمت گهٽ ٿيندي ته ا??ان به قيمت گهٽ ڪري ڇڏينداسين. هن چيو ته حڪومت بي گهر ماڻهن کي گهر ٺاهڻ جي لاءِ قرض ڏئي رهي آهي ۽ ان سلسلي ۾ هيستائين 57 هزار درخواستون وصول ۽ 23 هزار جي لاءِ 80 ارب جا قرض منظور ۽ 19 ارب رپيا ورهائجي به چڪا آهن. هن چيو ته آزاد ڪشمير، خيبرپختونخواهه ۽ ساهيوال ۽ ڊي جي خان ڊويزن ۾ هر خاندان کي صحت ڪارڊ ملي ويو آهي جڏهن ته پنجاب جي سموري آبادي کي ايندڙ مهيني ڊسمبر جي آخر تائين صحت انصاف ڪارڊ ملي ويندو جنهن تي هر خاندان کي 10 لک رپيا ساليانو تائين علاج جي سهولت ميسر هوندي جنهن جي لاءِ پنجاب حڪومت 60 ارب رپيا رکيا آهن. هن چيو ته حڪومت رح??ت للعالمين اسڪالرشپ، احساس اسڪالرشپ ۽ اسڪل فار آل تحت 2 لک ٻارن کي تربيت فراهم ڪري رهي آهي جنهن جي لاءِ هڪ لک ٻار انرول به ٿي ويا آهن. هن چيو ته هاءِ ٽيڪ ٽيڪنالاجي ۾ تربيت جي فراهمي جا شاندار نتيجا نڪرندا ۽ هنرمند نوجوان پاڪستان جي معيشت ۾ وڌ??ڪ ترقي جو سبب بڻجندا.