ڪابل – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي ??زير مخدوم شاهه محم??د قريشي چيو آهي ته پاڪستان، افغانستان جي ويجهي ??اڙيسري ملڪن سان گڏجي خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پنهنجو تعيري ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. اها ڳالهه هن ڪابل ۾ افغانستان جي عبوري وزيراعظم ملا حسن آخوند سان ملاقات ۾ چئي. افغان عبوري حڪومت جو پرڏيهي ??زير امير خان متقي به ان موقعي تي موجود هو، جڏهن ته وزيراعظم جو افغانستان بابت خصوصي نمائندو محمد صادق، پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود، افغانستان ۾ مقرر پاڪستاني سفير منصور احمد خان، اعليٰ عسڪري قيادت ۽ پاڪستاني وفد جا ٻيا ميمبر به ان ملاقات ۾ شريڪ هئا. ملاقات دوران ٻطرفي گڏيل دلچسپي جي معاملن، واپاري ۽ اقتصادي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ ۽ افغا?? عوام کي معاشي بحران مان ڪ??ڻ لاءِ مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. افغانستان جي عبوري حڪومت جي وزيراعظم ملا حسن آخوند پرڏيهي ??زير مخدوم شاهه محم??د قريشي ۽ پاڪستاني وفد جو ڪابل اچڻ تي آجيان ڪئي. پرڏيهي ??زير شاهه محم??د قريشي چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ ڊگهي امن ۽ استحڪام جو خواهشمند آهي ۽ انساني بنيادن تي افغان ڀائرن جي لاءِ مدد جي پرعزم آهي. هن چيو ته پاڪستان، افغانستان سان ٻطرفي واپار وڌائڻ جو خواهشمند آهي. افغان شهرين خاص طور تي واپارين لاءِ ويزا سهولتون، نوان بارڊر پوائنٽس جاري ڪرڻ ۽ چرپر ۾ سهولت جي فراهمي انهي سلسلي جون ڪ??يون آهن. شاهه محم??د قريشي چيو ته پاڪستان، افغانستان جي ويجهي ??اڙيسري ملڪن سان گڏجي، خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پنهنجو تعميري ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ پرعزم آ??ي، افغان حڪومت جي عبوري وزيراعظم ملا حسن آخوند انساني امداد جي وقت سر فراهمي تي پاڪستاني قيادت جو ٿورو ادا ڪيو.