اسلام آباد – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي واپارين ۽ صنعتڪارن تي زور ڏنو آهي ته هو عورتن ۽ معذور ماڻهن کي پنهنجي ادارن ۾ ملازمت ڏئي انهن جي مالي شموليت ۽ بااختيار بڻائڻ جي ڪوششن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، حڪومت پنهنجي ڪاروبار لاءِ ڪامياب جوان پروگرام تحت 100 ارب روپيا مختص ڪيا آهن. نوجوانن، عورتن ۽ خصوصي ماڻهن کي قرضن کي حا??ل ڪرڻ ۾ سهولت ۽ رهنمائي فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن سيالڪوٽ چيمبرز آف ڪامرس اينڊ ا??ڊسٽري جي وفد ??ان ڳالهائيندي ڪيو. جنهن چيمبر جي صدر قيصر اقبال بريال جي قيادت ۾ ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد صدر کي سيالڪوٽ چيمبرز آف ڪامرس اينڊ ا??ڊسٽري جي برآمدي صلاحيت ۽ ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ ان جي حصيداري جي باري ۾ ??گا??ه ڪيو. قيصر اقبال بريال صدر کي سيالڪوٽ جي واپاري برادري کي درپيش مسئلن کان به ??گا??ه ڪيو، صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفد کي خاطري ڪرائي ته سيالڪوٽ چيمبر آف ڪامرس اينڊ ا??ڊسٽري کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ ضروري مدد فراهم ڪئي ويندي. وفد ??ان ڳالهائيندي صدر چيو ته معذور ماڻهو ملڪي آبادي جو 12 کان 14 سيڪڙو آهن ۽ انهن کي ڪاروباري برادري جي خصوصي تعاون ??ان هنر جي فراهمي جي ذريعي روزگار ۽ مالي طور تي مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته حڪومت نوجوانن، عورتن ۽ معذور ماڻهن کي بااختيار بڻائڻ ۽ انهن جي مالي شموليت تي ڌيان ڏئي رهي آهي، ان سلسلي ۾ ڪامياب جوان پروگرام تحت 100 ارب روپيا مختص ڪيا ويا آهن ته جئين هو پنهنجو ڪاروبار شروع ڪري سگهن، هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته ??گا??ي جي کوٽ جي ڪري ماڻهو حڪومت پاران پيش ڪيل قرضن مان ڀرپور فائ??و ناهن وٺي سگهيا ۽ قرضن کي حا??ل ڪرڻ لاءِ انهن جي سهولت ۽ رهنمائي جي ضرورت تي زور ڏنو. بعد ۾ روالپنڊي ، اسلام آباد ۽ اٽڪ چيمبرز آف ڪامرس اينڊ ا??ڊسٽري جي عورت نمائندن تي ٻڌل هڪ وفد به صدر ??ان ملاقات ڪئي جنهن ۾ آڪٽوبر ۾ ڇاتي جي ڪينسر جي حوالي ??ان ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪرڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وفد ڇاتي جي ڪينسر بابت ??گا??ي مهم ۾ پنهنجي تعاون جي آڇ ڪئي ۽ صدر کي يقين ڏياريو ته هو اين جي اوز، عورتن جي يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي تعاون ??ان ان بيماري جي باري ۾ ??گا??ي پيدا ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪنديون.