اسلام آباد – 10 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پ??ڪس??ان ۽ خطي جي لاءِ محفوظ، مستحڪم ۽ پرامن افغانستان جي اهميت تي زور ڏين??ي چيو آهي ته افغانستان ۾ بدلجندڙ حقيقت سان عالمي برادري جي موقف ۾ پڻ تبديلي جي ضرورت آهي، افغان عوام جي ڀلائي اولين ترجيح هجڻ گهرجي. اها ڳالهه هن پ??ڪس??ان جي دوري تي آيل اسپين جي پرڏيهي وزير جوزي مينوئل البرس بوئنيو سان ڳالهائين??ي چئي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم پ??ڪس??ان ۽ خطي جي لاءِ محفوظ، مستحڪم ۽ پرامن افغانستان جي اهميت تي زور ڏنو ۽ چيو ته افغانستان ۾ بدلجندڙ حقيقت سان عاليم برادري جي موقف ۾ به تبديلي جي ضرورت آهي. هن زور ڏنو ته افغان عوام جي ڀلائي اولين ترجيح هجڻ گهرجي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته افغان عوام جي انساني ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۽ ملڪ جي معاشي استحڪام کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ فوري قدمن جي ضرورت آهي. وزيراعظم عالمي برادري جي مثبت انگيجمينٽ تي زور ڏنو ته جيئن اهو يقيني بڻائي سگهجي ته افغانستان ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال مستحڪم ٿئي، امن برقرار رهي ۽ ڪنهن به وڏي پئماني تي هجرت کي روڪي سگهجي. اسپين جي پرڏيهي وزير سفارتي مش??ز ۽ عالمي ادارن جي شهرين ۽ اهلڪارن جي انخلا ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ پ??ڪس??ان جي ڪوششن کي ساراهيو. وزيراعظم ان سلسلي ۾ پ??ڪس??ان جي مسلسل حمايت جو يقين ڏياريو. ٻطرفن لاڳاپن جي حوالي سان وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته پ??ڪس??ان اسپين لاڳاپا ??مورن شعبن ۾ مضبوط ٿيندا رهندا. وزيراعظم اسپين ۾ رهندڙ پ??ڪس??انين جي مثبت ڪردار پڻ ساراهيو.