اسلام آباد – 02 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ۽ وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ چيو آهي ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين (اي وي ا??م) ۽ آئي ووٽنگ پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت جو انقلابي قدم آهي، ملڪ ۾ صاف، شفاف ۽ منصفاڻي چونڊن جي لاءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال وقت جي ا??م ضرورت آهي، هڪ ڊگهي جدوجهد کانپوءِ اسان چونڊن کي شفاف بڻائڻ جو حل قوم آڏو رکي ڇڏيو آهي، اسان وٽ جيئن ئي ا??يڪشن ٿئي ٿي ا?? تي اعتراض کڄن ٿا ۽ آخري دم تائين هارائيندڙ پنهنجي شڪست تسليم نه ٿو ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هنن اي وي ا??م ۽ آئي ووٽنگ بابت ڪابينا ڪميٽ?? جي اجلاس دوران ڳالهائيندي ڪيو. اجلاس ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت جي آفيسرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته ملڪ ۾ صاف شفاف ۽ منصفاڻي چونڊون منعقد ڪرائڻ موجوده حڪومت جي ا??لين ترجيح آهي، ان مقصد جي لاءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال وقت جي ا??م ضرورت آهي. هن چيو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ۽ آئي ووٽنگ تحريڪ انصاف جي حڪومت جو چونڊ عمل ۾ هڪ انقلابي قدم آهي، اي وي ا??م جي استعمال سان اليڪشن جي شفافيت کي ممڪن بڻائي سگهبو. هن چيو ته 1970ع کان اڄ تائين ڪا اليڪشن اهڙي نه آهي جنهن ۾ ڌانڌلي جا الزام نه لڳا هجن. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته حڪومت اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن بابت عوامي راءِ کي متحرڪ ڪرڻ جي لاءِ ميڊيا ذريعي مهم شرو ڪندي. اجلاس دوران ڳالهائيندي وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ چيو ته هڪ ڊگهي جدوجهد کانپوءِ اسان چونڊن ۾ شفافيت آڻڻ جو حل قوم آڏو رکي ڇڏيو آهي. هن چيو ته ڪامسيٽس ۽ ٻين ادارن جي اڻٿڪ محنت جي نتيجي ۾ اڄ اسان اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جو هڪ انقلابي قدم کڻ?? وڃي رهيا آهيون. هن چيو ته اسان کان 5 ڀيرا وڌيڪ آبادي واري پاڙيسري ملڪ پنهنجي چونڊن کي ا?? وي ا??م ذريعي قابل قبول بڻايو آهي. ڊاڪٽر بابر اعواڻ چيو ته اسان وٽ جيئن ئي ا??يڪشن ٿئي ٿي ا?? تي اعتراض کڄن ٿا ۽ آخري دم تائين هارائيندڙ پنهنجي شڪست تسليم نه ٿو ڪري. هن چيو ته هن وقت اسان هڪ اهڙي مرحلي ۾ بيٺل آهيون جتي ٻن سالن کانپوءِ اليڪشن ٿيڻي آهي، ان چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پي ٽي آءِ جي حڪومت اهم قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته ان کان اڳ اي وي ا??م جي حوالي سان سڌوسنئون ٽيڪنالاج?? جي استعمال جي اجازت ته هئي پر اليڪشن ڪميشن کي اختيار نه ڏنو ويو هو. اي وي ا??م ۽ آئي ووٽنگ بابت ڪابينا ڪميٽ?? جي اجلاس ۾ ڪابينا جي ??يص??ي تحت اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينز ۽ آئي ووٽنگ کي حتمي شڪل ڏيڻ بابت غور ڪيو ويو ۽ ??يص??و ڪيوويو ته نادرا ڪميٽي کي آئي ووٽنگ بابت بري??نگ ڏيندي جنهن ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت جي ڪنسلٽنٽ جي رپورٽ جي روشني ۾ کنيل قدمن سان گڏوگڏ نادرا جي سسٽمز جي ا?? گريڊيشن تي ڪميٽي کي اگاهه ڪيو ويندو. ان کانسواءِ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت اي وي ا??م کي حتمي شڪل ڏيڻ جي لاءِ هن ئي هفتي ڪميٽي جو خاص اجلاس گهرائيندي ته جيئن ڪابينا جي ??يص??ي تي عملدرآمد ممڪن بڻائي سگهجي. اي وي ا??م کي مختلف باڊيز جي ا??يڪشن ۾ آزمائش طور استعمال ۾ آڻڻ جي تجويز تي پڻ غور ڪيو ويو جڏهن ته حتمي ??يص??و ڪميٽ?? جي اجلاس ۾ ڪيو ويندو. ياد رهي ته وفاقي ڪابينا چونڊ سڌارن خاص طور تي ا?? وي ا??م متعارف ڪرائڻ ۽ سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ بابت هدايت ڪئي آهي ته اي وي ا??م بابت عوامي راءِ جي لاءِ متحرڪ مهم شروع ڪئي وڃي. ڪابينا وڌيڪ هدايت ڪئي ته حڪومت جا ٽي سال مڪمل ٿيڻ تي منعقد ٿيندڙ تقريب ۾ مقامي طور تي تيار ڪئي ويندڙ اي وي ا??م جي ماڊل کي پڻ شامل ڪيو وڃي. وفاقي ڪابينا 18 مئي 2021ع تي منعقد ٿيندڙ پنهنجي اجلاس ۾ اي وي ا??م متعارف ڪرائڻ ۽ سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ جي لاءِ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري وفاقي وزير ۽ وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار تي ٻڌل هڪ ڪميٽي جوڙي هئي. ان کانسواءِ ڪابينا 9 مارچ 2021ع تي پنهنجي اجلاس ۾ وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار کي هدايت ڪئي هئي ته چونڊن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين متعارف ڪرائڻ، سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ ۽ صاف، شفاف ۽ منصفاڻي چونڊن جي لاءِ چونڊ سڌارن بابت ٿيندڙ اڳڀرائي بابت ڪابينا جي هر اجلاس ۾ بري??نگ ڏني وڃي. پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڄاڻايل نقطن تي وفاقي ڪابينا جي هر اجلاس ۾ بري??نگ ڏني. ان کانسواءِ 31 مئي 2021ع تي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت ۾ ٿيندڙ اجلاس دوران ??يص??و ڪيو ويو هو ته مقامي طور تي تيار ڪئي ويندڙ اي وي ا??م جو ماڊل مظاهر?? جي لاءِ 17 جولاءِ 2021ع تائين ڪسميٽس، اين آئي ا?? ۽ نسٽ جي ذريعي تيار ڪيو ويندو.