اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد ح??ين چيو آهي ته سنڌ ۾ مڪمل طور تي لاڪ ڊائون جي اجازت قطئي طور تي نه ڏني ويندي، مڪمل لاڪ ڊائون جي حوالي سان وفاقي حڪومت جي پاليسي واضح آهي، سپريم ڪورٽ به چئي چڪي آهي ته صوبا ان ڏس ۾ انفرادي فيصلو نٿا ڪري سگهن، آرٽيڪل 151 تحت پاڪستان هڪ سنگل مارڪيٽ آهي، ڪرا??ي جي بندرگاهه پاڪستان جي معيشت جي شه رڳ آهي ۽ اهڙو قدم کڻڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي جنهن سان پاڪستان جي معاشي شه رڳ متاثر ٿئي. سنڌ حڪومت ??ار??ن مڪمل لاڪ ڊائون جي فيصلي تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته مڪمل لاڪ ڊائون جو ڪو به آپشن ڪنهن صوبي کي دستياب نه آهي، ڪورونا جي حوالي سان پاليسي وفاق ۽ اين سي او سي جاري ڪند?? آهن ۽ صوبا ان تي عملد??آم?? جا پابند آهن، هن چيو ته پاڪستان ڪورونا جو ڀرپور طريقي سان مقابلو ڪيو آهي، هن وقت تائين اسان انسا??ي جانيون بچائڻ ۾ ڪامياب ٿي?? آهيون ۽ ملڪي معيشت به هاڻي پنهنجي پيرن تي بيهي رهي آهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جو موقف آهي ته مڪمل لاڪ ڊائون سان مزدور، ڏهاڙيدار طبقو شديد متاثر ٿيند?? آهن، هن چيو ته جيڪڏهن سنڌ حڪومت ايس او پيز تي عملد??آم?? ڪيو هجي ها ته اڄ ڪراچي ۾ صورتحال سنگين نه هجي ها، هن چيو ته سنڌ کي واضح طور تي پيغام ڏنو ويو آهي ته انفرادي فيصلا نٿا ڪري سگهجن، اين سي او سي جي گائيڊ لائينز تي عملد??آم?? ڪرڻ ضروري آهي.