لاهور – 22 –; مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته تحريڪ انصاف ??ڪ خاندان آهي، هر خاندان ۾ ??لط فهمي ٿيندي رهندي آهي، عمران خان جي قيادت ۾ اسان سڀ متحد آهيون، مخالف ڌر کي ??لط فهمي ٿي وڃي ٿي ته تحريڪ انصاف ۾ اختلاف ??يدا ٿي ويو، اميد آهي ها??ي مخالف ڌر جون جهمريون ختم ٿي وينديون. اهڙن خيالن جو اظهار هن پي ٽي آءِ جي اڳواڻ نعمان لنگڙيال جي مانجهاندي ۾ شرڪت کانپوءِ صحافين سا?? ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته جهانگير ترين ۽ سندس سا??ين جو موقف تفصيل سا?? ٻڌو، نعمان لنگڙيال سا?? ويجها لاڳاپا آهن، اسان جي وچ ۾ رابطن ۾ بهتري آڻڻ جي ضرورت آهي. پارٽي ۾ مسئلا ڳالهه ٻولهه سا?? حل ٿيندا آهن، ڪجهه مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ۾ رڪاوٽ به اچي وڃي ٿي پر وڏن معاملن تي اهي سڀ ماڻهو بلڪل واضح آهن ته تحريڪ انصاف اسان جي پارٽي آهي ۽ ان تي ڪنهن قسم جي ٻي راءِ نه آهي. هن چيو ته جهانگير ترين جي معاملي تي اڳ ۾ به اسان واضح موقف رکيو آهي، تحريڪ انصاف جي اندر نه ته جهانگير ترين کي اميد آهي ته عمران خان ان جي لاءِ ڪا غيرقانوني سفارش ڪندو ۽ نه ئي عمران خان جو اهو مزاج آهي.