اسلام آباد – 25 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان يوم پاڪستان جي مناسبت سان ش??ند??ر پريڊ جي انعقاد تي ٽنه?? هٿياربند فوج جي منتظمين کي مبارڪباد ڏيند?? چيو آهي ته اسان هڪ قوم آهيون، اتحاد ۽ اتفاق سان اڳتي وڌندي قومي ترقي ۽ عوامي خوشحالي جي منزل حاصل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون. وزيراعظم م??ڊي?? آفيس مان جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته پريڊ ۾ شريڪ سمورن شرڪت ڪندڙن ۽ دوست ملڪن جي فوجن جي دستن اعليٰ پرفارمنس جو مظاهرو ڪيو، وزيراعظم چيو ته چئني صوبن سميت آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي ثقافت کي گلدستو بڻائي پيش ڪيو ويو. پريڊ ۾ اسان ج?? هٿياربند فوجن نيوي ۽ فضائيه جي ش??ند??ر ڪارڪردگي ۽ پيشيوراڻي مهارت جي جهلڪ پوري دنيا ڏٺي.