اسلام آباد – 03 مارچ (اي ??ي پي) وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد مان سينيٽ جي ٻن خالي سيٽن تي هڪ سيٽ مخالف ڌر جڏهن ته ٻي حڪمران ڌر تحريڪ ا??صا?? حاصل ڪري ورتي، پيپلزپارٽي جي يوسف رضا گيلاني 169 وو?? کڻي جنرل سيٽ تي ڪامياب قرار ڏنو ويو جڏهن ته عورتن جي مخصوص سيٽ تي تحريڪ ا??صا?? جي فوزيه ارشد 174 وو?? کڻي ڪامياب رهي، تحريڪ ا??صا?? جي اميدوار عبدالحفيظ شيخ کي جنرل سيٽ تي 164 جڏهن ته مسلم ليگ (ن) جي عورت سيٽ تي اميدوار فرزانه ڪوثر کي 161 وو?? مليا، جنرل سيٽ تي 7 جڏهن ته عورتن جي سيٽ تي 5 وو?? رد قرار ڏنا ويا. رٽرننگ آ??يس?? ظف?? اقبال پولنگ ۽ وو??ن جي ڳڻپ جو عمل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ٻنهي سيٽن جي نتيجن جو اعلان ڪيو. قومي اسيمبلي هال ۾ سينيٽ جي هڪ جنرل ۽ هڪ عورتن جي سيٽ تي پولنگ ٿي. پولنگ جي شروعات صبح 9 وڳي کان شام 5 وڳي تائين بنا ڪنهن وقفي جي جاري رهي. ڪل 342 جي ايوان ۾ 340 ميمبرن پنهنجي راءِ جو حق استعمال ڪيو. جماعت اسلامي جي ميمبر عبدالاڪبر چترالي وو?? جو حق استعمال نه ڪيو جڏهن ته اين اي 75 ڊسڪه جي سيٽ خالي آهي. رٽرننگ آ??يس?? جا فرض اليڪشن ڪميشن جي اسپيشل سيڪريٽري ظف?? اقبال ادا ڪيا. قومي اسيمبلي هال کي بطور پولنگ اسٽيشن استعمال ڪيو ويو، جتي ٻه پولنگ بوٿ قائم ڪيا ويا هئا. پولنگ بوٿ نمبر هڪ تي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 1 کان اين اي 171 جڏهن ته پولنگ بوٿ نمبر ٻه تي اين اي 172 کان ان اين اي 342 تائين وو?? رکيا ويا هئا. وزيراعظم عمران خان ٻنپهرن جو 12 وڳي جي لڳ ڀڳ پنهنجو وو?? ڪاسٽ ڪيو. هو هال ۾ ويهڻ بدران پنهنجي راءِ جو حق استعمال ڪري واپس هليو ويو. مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف، اڳوڻي مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه، خواجه محمد آصف، علي وزير کي نيب ۽ پوليس جي حراست ۾ هجڻ جي ڪري اليڪشن ڪميشن جي خصوصي حڪمن تي وو?? وجهڻ جي لاءِ پولنگ اسٽيشن تي آندا ويا. شهباز شريف ۽ خورشيد شاهه ڪافي دير ايوان ۾ موجود رهيا. ڪشمير بابت پارلياماني ڪميٽي جي چيئرمين شهريار آفريدي بيلٽ تي ٽِڪ ڪرڻ بدران صحيح ڪري ڇڏي جڏهن ته بعد ۾ هن ٻيهر بيلٽ جي لاءِ رٽرننگ آ??يس?? وٽ ٻه جدا جدا درخواستون جمع ڪرايون جنهن ان تي هن فيصلو محفوظ ڪري ورتو. پولنگ جي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ تحريڪ ا??صا?? پاران ڪنول شوزب ۽ زين قريشي، مسلم ليگ (ن) پاران عطا تارڙ ۽ علي گوهر خان جڏهن ته پاڪستان پيپلزپارٽي پاران سيد نويد قمر ۽ عبدالقادر پٽيل ڳڻپ جي عمل ۾ شريڪ ٿيا. رٽرننگ آ??يس?? نتيجي جو اعلان ڪيو جنهن موجب جنرل سيٽ تي سيد يوسف رضا گيلاني ۽ عورتن جي سيٽ تي فوزيه ارشد ڪامياب قرار ڏنا ويا.