لاهور – 12 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عوام کي صحت جي معياري ۽ سستي سهولتن جي فراهمي ۽ سماجي تحفظ فراهم ڪرڻ موجوده حڪومت جي اول??ن ترجيح آهي، هليٿ ڪارڊ جي ڪري نه رڳو عام ماڻهو کي صحت جي حوالي سان تحفظ فراهم ٿيندو پر صحت جي نظام ۾ به انقلابي تبديلي رونما ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنجاب صوبي ۾ يونيورسل هيلٿ انشورنس جي فراهمي جي حوالي سان اڳڀرائي تي جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجل??س ۾ پنجاب جو وڏو وزير سر??ار عثمان بوزدار، اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير مخ??وم خسرو بختيار، وزيراعظم جو صلاحڪار شهزاد اڪبر، خاص مدد??ار ملڪ امين اسلم، پنجاب جو ناڻي وارو وزير مخ??وم هاشم جوان بخت، پنجاب جي وڏي وزير جي خاص مدد??ار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجل??س ۾ پنجاب جي صوبائي ڪابينا پاران صوبي جي 100 سيڪڙو آبادي کي هن سال جي آخر تائين يونيورسل هيلٿ ڪوريج جي فراهمي جي منظوري کانپوءِ هيستائين ٿيندڙ اڳڀرائي جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو، صحت سهولت پروگرام جي فزيبلٽِ، بجيٽ جي ڪاٿي ۽ مرحليوار عملدرآمد تي شرڪت ڪندڙن کي تفصيلي بريفنگ ڏيندي آگاهه ڪيو ويو ته ڊگهي مدي واري پلان تحت موجوده مالي سال جي پڄاڻي تائين ساهيوال ۽ ڊيره غازي خان ڊويزن جي 7 ضلعن ۾ هليٿ ڪارڊن جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي جڏهن ته ڊسمبر 2021ع تائين پنجاب جي 100 سيڪڙو آبادي کي يونيورسل هيلٿ انشورنس تحت هيلٿ ڪارڊ جي ذريعي علاج جون بهترين سهولتون ميسر هونديون.