اسلام آباد – 08 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ بي گهر غريب ماڻهن جي لاءِ 50 لک گهرن جي تعمير جي هڪ ٻئي وڏي منصوبي کي مڪمل ڪرڻ تي زبردست پذيرائي حاصل ڪئي آهي. هو پنهنجي هم عصر ماڻهن ۾ هڪ اهڙي خواب کي عملي شڪل ڏيڻ جي لاءِ اڳتي وڌيو جنهن بابت سندس مخالف رڳو سوچي سگهندا هئا. ملڪ ۾ بلڊر ڪميونٽي نئين پ??ڪس??ان هائوسنگ پروگرام کي ڪامياب بڻائڻ جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ تي وزيراعظم عمران خان جي ڪردار کي ساراهيو آهي. وزيراعظم جي ٻن سالن دوران اڻٿڪ ڪوششن جي نتيجي ۾ اهو پروگرام هاڻي تيار آهي ۽ بلڊرن 50 لک گهرن جي تعمير جي حوالي سان حڪومتي ڪوششن ۾ هٿ ونڊائڻ جي لاءِ هڪ بهترين پليٽ فارم مهيا ڪرڻ تي خوشي جو اظهار ۽ وزيراعظم جي ڪوششن کي خراج تحسين پيش ڪي?? آهي. وزيراعظم جي صدارت ۾ ٿيندڙ ڪيترن ئي اجلاسن ۾ ان منصوبي تي تفصيلي غور فڪر ڪي?? ويو ۽ سندس پختي عزم جي ڪري اهو خواب هڪ حقيقت بڻجي چڪو آهي. سندس ڪوششن جي ڪري بلڊر ڪميونٽي ان اميد سان پروگرام کي ساراهيو ته 50 لک گهرن جي تعمير جو هدف عمل جوڳو آهي.
ايسوسيئيشن آف بلڊرز اينڊ ڊويلپرز آف پ??ڪس??ان (آباد) جي چيئرمين محسن شيخاڻي چيو ته حڪومت پاران هائوسنگ جي ش??بي کي مراعتن جي آڇ سان 50 لک گهرن جي تعمير جو هدف حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي ۽ ڏيڍ ڪروڙ ماڻهن جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. مراعاتي پئڪيج جي آجيان ڪندي هن چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت هائوسنگ جي ش??بي کي ملڪ جي 70 سالا تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ صنعت جو درجو ڏنو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن شروعاتي طور تي حڪومت 10 لک گهرن جي تعمير شروع ڪري ٿي ته ان سان 25 لک ماڻهن جي لاءِ روزگار پيدا ٿيندو ۽ 40 کان 72 لاڳاپيل صنعتون بحال ٿينديون. اهو پئڪيج تعميراتي صنعت جي لاءِ ڪارائتو آهي. هن چيو ته ڪورونا وبا سان سڄي دنيا ۾ اقتصادي ترقي ۾ سستي ڏٺي وئي پر اميد آهي ته هن پراجيڪٽ تي تيزي سان اڳڀرائي اقتصادي ترقي کي فروغ ڏيندي. تعميراتي صنعت اسان جي معيشت ۾ مرڪزي حيثيت رکي ٿي ۽ ان جي فروغ سان هائوسنگ يونٽن جي کوٽ تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي جنهن جي نتيجي ۾ لاڳاپيل صنعتون ترقي ڪنديون ۽ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا.
نئون پ??ڪس??ان هائوسنگ اينڊ ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر ان اميد جو اظهار ڪي?? ته دستاويزي عمل کي آسان بڻائڻ ۽ ڪاروباري آسانين کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ٻين قدمن وسيلي هائوسنگ ۽ تعميراتي صنعت ۾ وڌيڪ سيڙپڪارن کي راغب ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته 31 ڊسمبر تائين هائوسنگ ۽ تعميراتي صنعت ۾ سيڙپڪاري ڪندڙ سيڙپڪارن کان انهن جي آمدني جا ذريعا نه پڇيا ويندا. ان کان اڳ بلڊرز ۽ ڊويلپرز جي لاءِ منظوري وٺڻ مشڪل هو پر هاڻي حڪومت هائوسنگ ۽ تعميراتي ش??بي جي سهولت لاءِ منظوري جي طريقيڪار کي آسان بڻائي ڇڏيو آهي. هن مختلف صنعتن جي فائدي، مجموعي اقتصادي سرگرمي ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ جي لاءِ تعميراتي صنعت کي مراعتون ڏيڻ جي حڪومتي ويزن جو پڻ حوالو ڏنو. حڪومت جي خواهش آهي ته بلڊرز ۽ ڊويلپرز ان پئڪيج مان ڀرپور فائدو کڻن ۽ 31 ڊسمبر 2020ع کان اڳ پنهنجا منصوبا شروع ڪن.
هڪ اقتصادي ماهر ۽ پائيدار ترقي بابت پاليسي جي اداري (ايس ڊي پي آءِ) جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر عابد قيوم سلهري تعميراتي ش??بي کي مستقبل جي محرڪ قوت طور ڏسي رهيو آهي. هن تعميراتي صنعت جي لاءِ مراعتن کي ساراهيو جنهن سان آخرڪ??ر غريب عوام کي فائدو ٿيندو. بلڊرز ۽ ريئل اسٽيٽ ايجنٽن پڻ ان پئڪيج کي تعميراتي ش??بي جي بحالي لاءِ هڪ وڏو قدم قرار ڏنو آهي ۽ اميد ظاهر ڪئي آهي ته حڪومتي مراعتن سان ملڪي ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن جو اعتماد يقيني طور تي بحال ٿيندو.
ان حڪومتي قدم تي تبصرو ڪندي هڪ ناليواري پراپرٽي ڊويلپر ۽ ڪاروباري ش??صيت اعجاز گوهر چيو ته گهٽ وياج جي ش??ح تي گهرن جي تعمير جي لاءِ هي پهريون منصوبو آهي جيڪو هيٺئين ۽ وچين طبقي جي لاءِ تيار ڪي?? ويو آهي. ڪمرشل بئنڪون تعميراتي سرگرمين جي لاءِ پنهنجي پورٽ فوليو جو 5 سيڪڙو مختص ڪنديون. هن چيو ته غيررسمي غير رجسٽرڊ معيشت ۾ 20 ٽريلين رپيا گردش ڪري رهيا آهن ۽ هاڻي ماڻهن وٽ 31 ڊسمبر 2020ع تائين ريئل اسٽيٽ شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪري وڏي رقم کي ظاهر ڪرڻ جو هڪ موقعو آهي. هاڻي گهٽ آمدني وارا غريب ماڻهو 5 سيڪڙو مورگيج فنانسنگ جي سهولت سان 5 مرلا جو گهر تعمير ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته مورگيج فنانس جي ش??وعات 82 سال اڳ آمريڪا ۾ ٿي هئي جنهن سان ان جي معيشت بحال ٿيڻ شروع ٿي ۽ پ??ڪس??ان هوم مورگيج فنانسنگ جي حوالي سان ترقي يافته ملڪن جي مقابلي ۾ تمام گهڻو پٺتي هو. خصوصي پئڪيج جي اعلان کانپوءِ اسٽيٽ بئنڪ آف پ??ڪس??ان بئنڪن جي لاءِ مورگيج قرضن ۾ توسيع ۽ ڊويلپرز ۽ بلڊرز جي لاءِ فنانسنگ جو لازمي هدف مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪي??.