وزيراعظم پاران سوات ايڪسپريس وي تي ٽن سرنگهن جو افتتاح

image
APP26-190321 MALAKAND: March 19 - Prime Minister Imran Khan offers dua after inaugurating 3 tunnels on Swat Expressway. APP

پشاور – 19 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سوات ايڪسپريس وي تي ٽن سرنگهن جي تعمير جي منصوبي جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي. ان موقعي تي خيبرپختونخوا جو وڏو وزير محمود خان ۽ مواصلات وارو وفاقي وزير مراد سعيد به موجود هئا. وزيراعظم مڪمل ٿيل سرنگهن جو معائنو به ڪيو. زلام ڪوٽ، مالاڪنڊ آمد تي خيبرپختونخوا جي وڏي وزير محمود خان ۽ فرنٽيئر ورڪس آرگنائزيشن جي ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل ڪمال اظفر وزيراعظم جو استقبال ڪيو، فرنٽيئر ورڪس آرگنائزيشن جي ڊائريڪٽر جنرل وزيراعظم کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته 80 ڪلوميٽر ڊگهي سوات ايڪسپريس وي تي 7 انٽرچينج قائم آهن، ايڪسپريس وي تي ٽي سرنگهون ڪڍيون ويون آهن جنهن جي ڊيگهه 1266، 271 ۽ 324 ميٽر آهي

مضمون کا ماخذ : ماہی گیری کا جنون