اسلام آباد – 04 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي سمارٽ لاڪ ڊائون جي حڪمت عمل?? جي ڪري ڪورونا ڪيسن ۾ گهٽتائي آئي، ڪورونا مان صحتياب ٿيندڙ مريضن جي شرح اطمينان جوڳي آهي، ايس او پيز تي عملدرآمد ??ان ڪورونا تي گهڻي حد تائين ڪنٽرول آندو ويو آهي، ڪورونا اڃا مڪمل ختم ناهي ٿيو خطرو اڃا به موجو?? آهي، حڪومتي ڪوششن ??ان ڪورونا ٽيسٽنگ جي صلاحيت کي وڌايو ويو، جيڪڏهن ا??ان محتاط انداز ??ان ايس او پيز تي عملدرآمد ڪندا رهياسين ته اسپتالون جلد ويران ٿي وينديون ۽ راندين جا ميدان آ??اد ٿيندا، ڪورونا جي خلاف طبي عملو پهرين صف تي آهي، انهن کي اڪيلو نه ڇڏينداسين، هر ممڪن سهولتون فراهم ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن پولي ڪلينڪ اسپتال جي دور?? جي موقعي تي صحافين ??ان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته ڊاڪٽرز ۽ طبي عملي ٽيم ورڪ ذريعي ڪورونا وبا جو مقابلو ڪيو ۽ مشڪل وقت ۾ عوام جي خدمت ۾ سڀ کان اڳ رهيا.