اسلام آباد -26 آڪٽوبر (اي پي پي) سپريم ڪور?? جي جسٽس يحييٰ آفريدي چيف جسٽس آف پاڪستان جي عهدي جو حلف کڻي ورتو، صدر آصف علي زرداري کانئس حلف ورتو. ڪالهه ڇنڇر ڏينهن ايوان صدر ۾ حلف بردار?? جي تقريب ٿي. تقريب ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف، سروسز چيفس، قومي اسيمبل?? جي اسپيڪر س??دار اياز صادق، سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، گورنرز، وڏن وزيرن، وزيرن، سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽس جي ججز، اڳوڻن چيف جسٽسز، لاء آفيسرن، وڪيل تنظيمن جي عهديدارن، وڪيلن ۽ ميڊيا نمائندن سميت زندگ?? جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن پڻ شرڪت ڪئي. واضح رهي ته جسٽس يحييٰ آفريدي کي هڪ خصوصي پارلياما??ي ڪميٽي آئين جي نئين منظور ٿيل 26هين ترميم تحت سپريم ڪور?? جي ٽن سينئر ترين ججن مان ايندڙ چيف جسٽس جي طور تي نامزد ڪيو هو ۽ ان حوالي سان هڪ سمري وزيراعظم صدر ڏانهن موڪلي هئي. بعد ۾ جسٽس يحييٰ آفريد?? جي بطور 30هين چيف جسٽس مقرر?? جي منظوري ڏني وئي.