اسلام آباد – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ روس گڏيل قومن ۽ شنگهائي تع??ون تنظيم سميت گهڻ رخي فورمز تي تع??ون ۽ واپار، صنعت، توانائي، علائقائي رابطن، سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ تعليم جي شع??ن ۾ مضبوط ڳالهه ٻولهه ۽ تع??ون کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محم?? شهباز شريف سان شنگهائي تع??ون تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي 23هين اجلاس جي موقعي تي جمهوريه روس جي وزيراعظم ميخائل مشوستن جي وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ٿي. ٻنهي وزيراعظم ٻطرفي تع??ون جي سمورن شع??ن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ گذريل ٻن ڏهاڪن دوران پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ لاڳاپن جي مثبت رخ تي اطمينا?? جو اظهار ڪيو. هنن واپار، صنعت، توانائي، علائقائي رابطن، سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ تعليم جي شع??ن ۾مضبوط ڳالهه ٻولهه ۽ تع??ون کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم محم?? شهباز شريف پنهنجي ماسڪو جي پهرئين دوري جو پڻ ذڪر ڪيو جيڪو سندس ڪنهن به ملڪ جو پهريون دورو هو. وزيراعظم پنهنجي دوري جي يادن کي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي مضبوطي ۾ تبديل ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. وزيراعظم محم?? شهباز شريف روس سان ٻطرفي سياسي، اقتصادي ۽ دفاعي ڳالهه ٻولهه کي تيز ڪرڻ جي پاڪستان جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳوڻن گڏيل قومن ۽ شنگهائي تع??ون تنظيم سميت گهڻ رخي فورمز تي تع??ون جاري رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. وزيراعظم محم?? شهباز شريف برڪس ۾ پاڪستان جي لاءِ تع??ون تي روسي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. هن هلندڙ سال جولاءِ ۾ آستانه ۾ صدر ولاديمير پيوٽن سان پنهنجي لاڀائتي ملاقات جو ذڪر ڪيو جنهن دوران هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي وڌيڪ فروغ تي اتفاق ڪيو هو. وزيراعظم پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ مواصلاتي رابطن جي فروغ جي لاءِ سڌوسنئون اڏامن جي اهميت تي زور ڏنو. روسي وزيراعظم شنگهائي تع??ون تنظيم جي 23هين حڪومتي سدربراهه اجلاس جي لاءِ پاڪستان پاران ڪيل شاندار انتظامن کي ساراهيو. هن پاڪستان جي حڪومت ۽ پاڪستاني عوام پاران روسي وفد جي شاندار استقبال ۽ شاندار مهمان نوازي تي ٿورا مڃيا. هن ملاقات ۾ روس پاڪستان تع??ون کي وڌيڪ فروغ ڏئي نئين بلندين تي پهچائڻ جي پنهنجي خواهش جو پڻ اظهار ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي وزيراعظمن گڏيل دلچسپي جي سمورن شع??ن تي تع??ون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي اڳواڻن عوامي رابطن جي فروغ جي لاءِ روسي ۽ اردو زبان جي تدريسي مٽاسٽا ۽ سيڙپڪاري ۽ واپار جي سهولت جي لاءِ بئنڪنگ شع??ي ۾ تع??ون جي فروغ تي پڻ اتفاق ڪيو.