اسلام آباد-16 آڪٽوبر (اي پي پي) اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيمه پاڪستان ۽ وچ ايشيائي رياست ڪرغزستان وچ ۾ ٻطرفن و??پا??ي ۽ اقتصادي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو آهي ته گڏيل لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ لاءِ پاڪستان ٻطرفن معاهدن ت?? عملدرآمد لاءِ پرعزم آهي. هن اها ڳالهه ڪرغزستان جي ناڻي واري وزير دانيارا منگلديوف جي قيادت ۾ ڪرغزستان جي وفد سان ملاقات ۾ چئي، اها ملاقات شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي ڪائونسل جي اجلاس جي موقعي تي ٿي جنهن سان پاڪستان ۽ ڪرغزستان وچ ۾ جاري دوستي ۽ حصيداري جي عڪاسي ٿي رهي آهي. وفاقي وزير شنگهائي تعاون تنظيم جي 23 هين ڪائونسل جي سربراهن جي اجلاس ۾ ڪرغزستان جي وفد جي شرڪت کي ساراهيو. اجلاس ۾ ڌرين و??پا?? ۾ اضافي جي اهميت تي اتفاق ڪيو جيڪو هن وقت8.63ملين ڊالر آهي. وفاقي وزير ٻڌايو ته مالي سال2023ع ۾ پاڪستان جو ڪرغزستان ڏانهن روانگي و??پا?? جو ڳاڻيٽو 3.33 ملين ڊالر ۽ آمدني و??پا?? 5.3 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو آهي جنهن ۾ اضافو ضروري آهي. هن انهن انگن اکرن کي وڌائڻ ۽ موجوده و??پا??ي عدم توازن کي حل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. وفاقي وزير نومبر 2023ع ۾ ٿيل پاڪ – ڪرغزستان بين الحڪومتي ڪميشن جي چوٿين اجلاس جي مثبت نتيجن جي تصديق ڪئي ۽ پاڪستان طرفان انهن معاهدن ت?? عملدرآمد جي عز?? جو ورجاءُ ڪيو. ملاقات ۾ و??پا??، زراعت، توانائي، کاڻين، ڊجيٽل ترقي، سياحت، صحت، بئنڪنگ ۽ تعليم جهڙن مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. احد خان چيمه زراعت ۽ و??پا?? جهڙن اهم شعبن ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ لاءِ گڏيل ورڪنگ گروپس قائم ڪرڻ جي اهميت تي زور ڀريو. هن اسلام آباد ۾ ٿيندڙ ايندڙ پنجين اجلاس جي ميزباني جي خواهش جو اظهار ڪيو ۽ ان طريقيڪار ذريعي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي عز?? کي ورجايو. ملاقات ۾ هڪ ٻي اهم رخ، ”ٽرانزٽ ٽريڊ ايگريمينٽ“ ۽ زراعت ۽ و??پا?? ۾ تعاون لاءِ لاڳاپيل مفاهمت جي يادداشتن کي مڪمل ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ هو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ ڪرغزستان وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ ان ڏس ۾ گڏيل و??پا?? جي حقيقي صلاحيت مان فائدي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي.