??وح?? – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراع??م محمد شهباز شريف پنهنجي ٻن ڏينهن جي ق??ر جي دوري دوران اڄ خميس ڏينهن مصروف ڏينهن گذاريندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري تفصيل موجب قطر جي امير شيخ تميم بن حماد الثاني سان ملاقات ڪندو. وزيراع??م محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو. هو قطر جي وزيراع??م محمد بن عبدالرحمان بن جاسم ??لثاني سان ملاقات پڻ ڪندو. وزيراعظم سان قطر ب??نس مين ايسوسيئيشن جو وفد پڻ ملاقات ڪندو. ٻئي طرف وزيراعظم قطر ميوزيم ۾ ”منظر آرٽ ايگزيبيشن: 1940ع کان هيستائين پاڪستان ۾ آرٽ ۽ آرڪيٽيڪچر“ جو افتتاح ڪندو. وزيراعظم جي ق??ر جي دوري ۾ وفاقي وزير خواجه محمد آصف، ڄام ڪمال خان، محمد اورنگزيب ۽ عطاءُ الله تارڙ گڏ آهن.