اسلام آباد-25 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته اخبارن سميت ڄاڻ جا ذر??عا معلومات جي فراهم?? ۽ ??لڪ جي تعمير ۽ ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، هي اهي ذر??عا آهن جيڪي شهرين کي مستند ۽ اعتماد جوڳي معلومات پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. اربع ڏينهن اخبار پڙهڻ جي قومي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي، صحاف?? ۽ ??يڊيا پروفيشنلز کي مبارڪون ڏيندي چيو ته درست ۽ حقيقتن تي ٻڌل خبرون معاشري ۾ سچائي، امن، استحڪام ۽ ترقي کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. پارليامينٽ هميشه آزاد ۽ ذميواراڻي صحافت کي هٿي ڏيڻ لاءِ قانونسازي ڪئي آهي. اخبارون ڊجيٽل ميڊيا جي دور ۾ جعلي خبرن جي روڪٿام ۽ حقيقتن تي ٻڌل معلومات جي فراهمي جو هڪ اهم ذر??عو آهن. هن چيو ته اخبارون ??يا??ي شعور اجاگر ڪرڻ ۽ شهرين کي سندن بنيادي حقن کان آگاهه ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. اخباري صنعت جي ترق?? ۽ ??ٿي وٺرائڻ لاءِ آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي جو ڪردار واکاڻ جوڳو آهي. ملڪ جي تعمير ۽ ترقي لاءِ ضروري آهي ته اسان سڀ پنهنجي ذميوارين کي آئين ۽ قانون موجب بهترين انداز ۾ ادا ڪريون.