اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري وفاقي انشورنس محتسب (ايف آءِ او) جي 9 فيصلن کي برقرار رکندي ٻن انشورنس ڪمپنين کي هدايت ڪئي آه?? ته اهي انشورنس پاليسي هولڊرز يا انهن جي گهرڀاتين کي 15.2 ملين رپين کان وڌيڪ جي مجموعي رقم ادا ڪن. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر وفاقي انشورنس محتسب جي فيصلن جي خلاف داخل اي ايف يو لائيف انشورنس لمي??يڊ جي 6 ۽ پاڪ – قطر فيملي تڪ??فل لمي??يڊ جي ٽن درخواستن کي رد ڪندي اهي هدايتون ڏنيون آه??. تفصيل موجب وفاقي انشورنس محتسب جي سامهون اهي الزام هنيا ويا هئا ته اي ايف يو لائيف انشورنس جي ايجنٽن محمد شفيق ۽ اديب روشن جڏهن ته محمد ممتاز ملڪ، محمد شبير ۽ عابد حسين کوکر کي پاڪ – قطر فيملي تڪ??فل لمي??يڊ جي ايجنٽن سيڙپڪاري جي لاءِ راغب ڪيو ۽ انهن کي منافعو ڏيندڙ اسڪيمن ۾ سيڙپڪاري ڪرائي وئي ۽ انهن کي ماهوار بنياد تي منافعي جي خاطري ڪرائي وئي. جڏهن انه?? پنهنجي رقم جي واپسي يا ري ايمبرسمنٽ جي لاءِ لاڳاپيل ڪمپنين سان رجوع ڪيو ته ڪمپنين انهن جي دعوائن کي رد ڪري ڇڏيو. اي ايف يو لائيف انشورنس لمي??يڊ مرحوم علي حيدر، شيخ علي حسن، چاند علي ۽ علي اڪبر جي گهرڀاتين پاران داخل ڪيل ”ڊيٿ ڪليم“ کي رد ڪري ڇڏيو. ان پريشان ڪندڙ صورتحال تي شڪايت ڪندڙ?? پنهنجي شڪايتن جي ازالي جي لاءِ جدا کان وفاقي انشورنس محتسب سان رابطو ڪيو. محتسب انهن جا ڪيس ٻڌڻ کانپوءِ ڪمپنين کي هدايت ڪئي ته اهي شڪايت ڪندڙن کي مجموعي طور تي 15.2 ملين رپيا ادا ڪن. بعد ۾ بيما ڪمپنين صدر پاڪستان وٽ وفاقي انشورنس محتسب جي فيصلن جي خلاف جدا جدا درخواستون داخل ڪيون. ڪيسن جي ٻڌڻي ايوان صدر ۾ ٿي، وفاقي انشورنس محتسب جي حڪمن ۾ ڪا قانوني ڪمزوري نه ڏٺي وئي، ان لاءِ درخواستون رد ڪيون ويون. اي ايف يو لائيف انشورنس لمي??يڊ کي هدايت ڪئي وئي ته اها نظاره بي بي کي 30 لک رپيا، نور حسن کي 3.077 ملين رپيا، نيڪ محمد کي 2.508 ملين رپيا، ڪامله علي کي 796000 رپيا، محمد شفيق کي 1.612 ملين رپيا ۽ اديب روشن کي 933992 رپيا ادا ڪري. اهڙي طرح پاڪ – قطر فيملي تڪ??فل لمي??يڊ کي پڻ ??دايت ڪئي وئي آه?? ته اها محمد ممتاز ملڪ کي 636456 رپيا، محمد شبير کي 1.319 ملين رپيا ۽ عابد حسين کوکر کي 1.328 ملين رپين جي رقم ادا ڪري.