اسلام آباد- 22 آگسٽ (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي اٽڪ ۾ ا??ڪول وين تي ف??ئرنگ واري واقعي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته ظلم جو مظاهرو ڪندڙ ڪنهن به رعايت جا مستحق نه آهن، گذريل ڏينهن گهرو وزارت جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ف??ئرنگ ۾ ٻن ٻارن جي فوت ٿ??ڻ تي ڏک جو اظهار ڪندي متاثر ڪٽنبن سان تعزيت ڪئي جڏهن ته گهرو وزير زخمين جي جلد صحت يابي لاءِ پڻ دعا ڪئي. هن وڌيڪ چيو ته معصوم ٻارن کي نشانو بڻائيندڙ انسان نه آهن، انهن سان ڪنهن به قسم جي رعايت نه ڪئي ويندي.