اسلام ??باد – 20 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت ملڪ ۾ باصلاحيت عورتن کي ترقي جا هڪجهڙا موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، انفارميشن ٽيڪنالاجي، تعليم، پيشيوراڻي تربيت، راندين ۽ ٻين شعبن ۾ عورتن کي سهولتون فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق وزيراعظم محمد شهباز شريف سان عالمي شهرت رکندڙ پاڪستاني جبل چا??هو نائله ڪياني اسلام ??باد ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم نائله ڪياني کي ويجهڙائي ۾ دنيا جي پنجين وڏي چوٽي مڪالو سر ڪرڻ تي مبارڪون ڏنيون ۽ هن کي تعليم بابت پاڪستان ۾ اعزازي سفير ، جبل چا??هو جي شعبي جي ترقي ۽ ان حوالي سان پيشيوراڻي تربيت جي واڌ ويجهه لاءِ ڪم کي به ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ عورتون هر شعبي ۾ بهت??ين خدمتون سرانجام ڏئي رهيون آهن. وزيراعظم چيو ته نائله ڪياني جو په??ين پاڪستاني عورت جبل چا??هو جي حيثيت سان 8 هزار ميٽر کان بلند 11 چوٽيون سر ڪرڻ پاڪستان لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي. وزيراعظم چيو ته حڪومت ملڪ ۾ باصلاحيت عورتن کي ترقي جا هڪجهڙا موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، انفارميشن ٽيڪنالاجي، تعليم، پيشيوراڻي تربيت، راندين ۽ ٻين شعبن ۾ عورتن کي سهولتون فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. نائله ڪياني وزيراعظم جو ملڪ ۾ عورتن جي ترقي تي خاص ڌيان ڏيڻ تي شڪريو ادا ڪيو. نائله ڪياني وزيراعظم کي پاڪستان ۾ جبل چا??هو جي شعبي ۾ خصوصي تربيت?? هنر ۽ پيشيوراڻي تعليم جي حوالي سان تجويزون پيش ڪيون. وزيراعظم لاڳاپيل اختيا??ين کي انهن تجويزن تي عملدرآمد لاءِ هڪ جامع لائحه عمل بڻائي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ملاقات ۾ سڌ سماءَ وارو وفاقي وزير عطاالله تارڙ، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر رومينه خورشيد عالم، پرائم منسٽر يوٿ پروگرام ??و چيئرمين راڻا مشهود احمد خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ اختيا??ين شرڪت ڪئي.