اسلام آباد-06 جولاءِ(اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز پيٽروليم ۽ گئس جي ??ولها ۽ پيداو??ري شعبي جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ لاءِ ڪميٽي قائم ڪندي، ان کي آف شور ذخيرا ڳولهڻ جي دعوت ڏني آهي. جڏهن ته پيٽروليم ۽ گئس جي ??ولها لاءِ پيداو??ري ڪمپنين ايندڙ ٽن سالن ۾ پاڪستان ۾ 5 ارب ڊالر سيڙپڪ??ري جو اعلان ڪيو آهي، پي ايم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ج??ري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پيٽروليم ۽ گئس جي شعبي جي ??ولها ۽ پيداو??ري ڪمپنين جي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڏيهي ۽ پرڏيهي ڪمپنين جي نمائندن سميت نائب وزيرا عظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي وزير احد خان چيمه، محمد اورنگزيب، سيد محسن رضا نقوي، انجنيئر امير مقام، احسن اقبال، سردار اويس خان لغاري، گورنر اسٽيٽ بئنڪ جميل احمد، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان، وزيراعظم جو ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل، چيئرمين ايف بي آر ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار پڻ موجود هئا. ان موقعي تي ملڪي ۽ غير ملڪي پيٽروليم ۽ گئس جي ??ولها ۽ پيداو??ري شعبي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت تي اعتماد جو اظهار ڪندي ايندڙ ٽن سالن ۾ پاڪستان ۾ 5 ارب ڊالر جي سيڙپڪ??ري جو اعلان ڪيو، ٽن سالن ۾ 5 ارب ڊالر جي سيڙپڪ??ري سان پيٽروليم ۽ گئس جي پاڪستان ۾ ڳولها لاءِ 240 جاين تي کوٽائي ڪئي ويندي. وفد خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته توهان پهريان وزيراعظم آهيو جيڪي سنجيدگي سان ان شعبي تي ڌيان ڏئي رهيا آهيو، اسان پيٽروليم ۽ گئس جي ??ولها ۽ پيداو??ري شعبي کي مشاورتي عمل جو حصو بڻائڻ، انهن جا مسئلا ٻڌڻ ۽ انهن جو حل ڪڍڻ لاءِ توهان جا ٿورائتا آهيون، وزيراعظم ڪمپنين کي آف شور ذخيرا ڳولهڻ جي دعوت ڏني. هن چيو ته پاڪستان ۾ مقامي سطح تي تيل ۽ گئس جي ذخيرن جي ??ولها اسان جي پهرين ترجيح آهي، هن چيو ته پاڪستان مقامي سطح تي تيل ۽گئس جي درآمد تي هر سال اربين ڊالر خرچ ڪندو آهي، وزيراعظم چيو ته مقامي ذخيرن جي پيداوار سان پاڪستان جو قيمتي ناڻو بچندو ۽ عام ماڻهو لاءِ ٻارڻ ۽ گئس سستا ٿيندا. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي شعبي جي سمورن مسئلن جو ترجيحي بنيادن تي حل پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.وزيراعظم محمد شهباز شريف نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي سربراهي ۾ هڪ ڪميٽي قائم ڪئي آهي، جنهن ۾ لاڳاپيل عملدار، سيڪريٽريز ۽ ماهر شامل هوندا، ڪميٽي شعبي جي نمائندن سان صلاح مشوري کانپوءِ ملڪ ۾ پيٽروليم ۽ گئس جي ذخيرن جي ??ولها ۽ ترقي لاءِ پرڪشش پاليسي جوڙڻ لاءِ تجويزون تيار ڪندي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته وزيراعظم هن شعبي جي مسئلن کي سنجيدگي سان حل ڪرڻ ۽ حڪومت جي ??اروبار دوست پاليسين سبب پيٽروليم ۽ گئس جي ??ولها ۽ پيداو??ري ڪمپنيون ايندڙ ٽن سالن ۾ پاڪستان ۾ 5 ارب ڊالر جي سيڙپڪ??ري ڪنديون.سيڙپڪ??ري سان ملڪ ۾ تيل ۽ گئس جي مقامي پيداوار ۾ اضافو ٿيندو، گورنر اسٽيٽ بئنڪ اجلاس کي ٻڌايو ته وزيراعظم جي خاص هدايت تي تيل ۽ گئس جي ??ولها ۽ پيداو??ري ڪمپنين جي منافعي جي مد ۾ ناڻو انهن جي ملڪن ڏانهن موڪليو ويو آهي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي شعبي جي سمورن مسئلن جي حل ۽ جوڙيل ڪميٽي کي جلد پاليسي تجويزون پيش ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي.