اسلام آباد – 27 – جون (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته مخ??لف ڌر ۾ شعور ۽ آگاهي جي کوٽ آهي، بجيٽ جي حوالي سان مخ??لف ڌر اسان جي اصلاح ڪري ها ته اسان ڀليڪار ڪريون ٿا. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مخ??لف ڌر کي آلٽرنيٽ ڊسپيوٽ ريزولوشن تحت ايندڙ نظام ۽ ليگل ريفارمز ڪميٽي پاران ايڪسيس ٽو جسٽس پروگرام جي لاءِ شروع ڪيل مختلف پراجيڪٽس تي اعتراض آهي. هن چيو ته مخ??لف ڌر پاران پيش ڪيل ڪٽوتي جي رٿن جو قانون واري کاتي سان ڪهڙو تعلق آهي؟ جيڪڏهن هي تياري ڪري اچن ها ۽ قانون واري ڊويزن جي بجيٽ پڙهي وٺن ها ته انهن کي خبر هجي ها ته آلٽرنيٽو ڊسپيوٽ ريزولوشن، ادارجاتي ??ڌا??ن ۽ ايڪسيس ٽو جسٽس پروگرام جي لاءِ ڪيتري رقم رکي وئي آهي. هن چيو ته 18 هين ترميم کانپوءِ صوبن تحت معاملن کي مخ??لف ڌر هتي اٿاريو، مخ??لف ڌر سياسي پوائنٽ اسڪورنگ ضرور ڪري پر اسان جي اصلاح ڪري ها ته اسان ڀليڪار ڪريون ها. هن چيو ته مخ??لف ڌر قابل عمل تجويزون پيش ڪري، انهن جي تجويزن تي غور ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون. وفاقي وزير چيو ته مخ??لف ڌر ۾ آگاهي ۽ شعور جي کوٽ آهي، ڊيمانڊ نمبر 66 تي ڪٽوتي جي رٿن جي مخالفت ڪريون ٿا.