اسلام آباد-04 جون (اي پي پي)رٿابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته اسان جو ڌيان بزن?? ٽو بزنس رابطن کي وڌائڻ تي آهي. چين ڏانهن روانگي کان اڳ پنهنجي وڊيو پيغام ۾ هن چيو ته 5 جون تي منعقد ٿيندڙ بزن?? ٽو بزنس فورم ۾ پاڪستان ۽ چين جون ڪمپنيون وڏي انگ ۾ شرڪت ڪنديون. احسن اقبال چيو ته سي پيڪ جي ٻي مرحلي ۾ اسان جو سڄو ڌيا بزن?? ٽو بزنس رابطن کي وڌائڻ تي آهي. پاڪستاني واپاري برادري ٻنهي ??لڪن وچ ۾ ڪاروباري سهڪار وڌائڻ جي ڪوششن تي حڪومت جا ٿورا مڃيا آهن. احسن اقبال چيو ته پاڪستاني واپارين کي وڌ کان وڌ پيداواري ڪارڪردگي حاصل ڪرڻ لاءِ چين جي واپارين کان ڪاروبار ڪرڻ جا گر سکڻ گهرجن. پاڪستان ۾ ڪاروبار ڪندڙ ملڪن جي درپيش چئلينجز کان چڱيءَ ريت واقف آهيون ان لاءِ کين معاشي بحالي لاءِ حڪو??تي ڪوششن جو ساٿ ڏيڻ گهرجي. احسن اقبال چيو ته پاڪستاني واپارين کي گهرجي ته اهي ??اپار ۽ ڪاروبار کي وڌائڻ لاءِ سي پيڪ فيز 2 جي موقعن مان ڀرپور فائدو وٺن. پاڪستان ۽ چين وچ ۾ واپار رڳو شين ۽ خدمتن تائين محدود ناهي. حڪومت ان جو دائرو علم، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، تحقيق، جدت، سپلاءِچين ۾ بهتري آڻڻ ۽ زرعي شعبي ۾ سهڪار جي صورت ۾ ترقي ڏيارڻ چاهي ??ي.