اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليسين جا مثبت نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا آهن، ٻاهرئين سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري بر??دري کي ملڪ ۾ روزگار جي فراهمي، ملڪي روانگي واپار ۾ اضافي ۽ معاشي ترقي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ حڪومت هر قسم جي معاونت فراهم ڪري ??هي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ??يان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن مشروبات ٺاهيندڙ عالمي ڪمپنين جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو ??نه?? ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڪوڪا ڪولا پاڪستان ۽ افغانستان جي نائب صدر وولڪان اونگچ، سي اي او پيپسي ڪو پاڪستان ۽ افغانستان محمد کوسا جي قيادت ۾ وفد ملاقات ڪئي جڏهن ته ان موقعي تي وفا??ي وزير ڄام ڪمال خان، راڻا تنوير حسين، عبدالعليم خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. وفد جي ميمبرن وزيراعظم جي قيادت ۾ حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليسين تي کيس خراج تحسين پيش ڪيو. وفد آگاهه ڪيو ته عالمي مشروبات ٺاهيندڙ ڪمپنين جا پاڪستان ۾ 25 جي لڳ ڀڳ ڪارخانا آهن جن ۾ 1 لک 30 هزار ماڻهن کي سڌوسنئون روزگار فراهم ڪيو وڃي ٿو. وفد وزيراعظم کي ڪمپنين پاران ملڪ ۾ ري ??ائيڪلنگ جي سڀ کان وڏي نظام جي حوالي سان آگاهه ڪرڻ سان گڏوگڏ ٻڌايو ويو ته اهي ڪمپنيون ملڪي خزاني کي ٽيڪس جي مد ۾ هر سال وڏو حصو ادا ڪن ٿيون. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته ٻاهرئين سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري بر??دري کي ملڪ ۾ روزگار جي فراهمي، ملڪي روانگي واپار ۾ اضافي ۽ معاشي ترقي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ حڪومت هر قسم جي معاونت فراهم ڪري ??هي آهي. اها ڳالهه خوش آئنده آهي ته حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليسين جا مثبت نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا آهن. وزيراعظم چيو ته عالمي ڪمپنيون ڪارپوريٽ سوشل ريسپانسبلٽي (CSR) تحت سرگرمين سان پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪن. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي عالمي ڪمپينن جي تجويزن تي مشاورت کانپوءِ انهن جي مسئلن جو حل جلد پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.