اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم ??حمد شهباز شريف سان اڳوڻي نگران پرڏيهي وزير جليل ع??اس جيلاني ملاقات ڪئي ۽ نگران حڪومت جي دور ۾ پرڏيهي معاملن ۾ ٿيل اڳڀرائي بابت وزيراعظم کي ??فص??لي بريفنگ ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ سينيٽر اسحاق ڊار ۽ سيد طارق فاطمي پڻ موجود هئا. اڳوڻي نگران پرڏيهي وزير نگران حڪومت جي دور ۾ پرڏيهي معاملن ۾ ٿيل اڳڀرائي جي حوالي سان وزيراعظم کي بريفنگ ڏني. وزيراعظم بطور نگران پرڏيهي وزير جليل ع??اس جيلاني جي خدمتن کي ساراهيو.