گوادر – 05 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف لاڳاپيل عملدارن کي ??دا??ت ڪئي آهي ته ??وادر جي طوفاني برساتن کان متاثر ماڻهن جي بحالي ۽ امداد جي لاءِ ڪا ڪسر نه ڇڏي وڃي، متاثر مواصلاتي ڍانچي جي بحالي ۽ نجي ملڪيتن جي نقصانن جي تفصيلي جائزي تي جلد رپورٽ پيش ڪئي وڃي، تازي طوفاني برساتن جي متاثرين جي مدد ۽ بحالي جي لاءِ هڪ ٺوس پلان جوڙي پيش ڪيو وڃ??. و??يراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزارت عظميٰ جو حلف کڻڻ جي ٻئي ڏينهن ئي وزيراعظم گوادر پهچي ويو. گوادر پهچڻ تي بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي سندس آجيان ڪئ??. و??يراعظم امدادي ڪئمپ ۾ موجود طوفاني برساتن جي متاثرين ۾ امدادي سامان ورهايو. ان موقعي تي هن متاثر ماڻهن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته وزارت عظميٰ جو حلف کڻندي ئي هو هتي آيو آهي، ائين نٿو ٿي سگهي ته ??وادر ۾ طوفاني برساتن جي متاثرين کي هن مشڪل وقت ۾ اڪيلو ڇڏيو وڃي. ان کان اڳ وزيراعظم اڏام دوران اين ڊي اي?? اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ کان گوادر ۽ ڏکڻ بلوچستان ۾ تازي طوفاني برساتن سان ٿيندڙ نقصانن ۽ جاري امدادي ڪاررواين تي بريفنگ ورت??. و??يراعظم کي ملڪ جي ٻين علائقن ۾ نقصانن ۽ متاثرين جي مدد لاءِ قدمن تي پڻ تفصيلي بريفنگ ڏني وئ??. و??يراعظم چيو ته جديد ٽيڪنالاجي ۽ سيٽلائيٽ جي ذريعي قدرتي آفتن کان وقت کان اڳ آگاهي جي لاءِ نظام جوڙيو وڃ??. و??يراعظم ??دا??ت ڪئي ته متاثر مواصلاتي ڍانچي جي بحالي ۽ نجي ملڪيتن جي نقصانن جي تفصيلي جائزي تي ٻڌل رپورٽ جلد پيش ڪئي وڃي، تازي طوفاني برساتن جي متاثرين جي مدد ۽ بحالي جي لاءِ هڪ ٺوس پلان جوڙي پيش ڪيو وڃي، متاثرين ??ي ريسڪيو ۽ انهن جي امداد ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي وڃي.