اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان جو ٻيهر صدر چونڊجڻ تي چين جي صدر شي جن پنگ پاران مبارڪباد ڏيڻ تي سن??س ٿورا مڃيندي چيو آهي ته چين سان سدا بهار حصيداري مضبوط بڻائڻ جي لا??ِ پرعزم ??هيون، پاڪستان ۽ چين جي مضبوط دوستي علائقائي امن، استحڪام ۽ ترقي جي لا??ِ اهم حيثيت رکي ٿي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيا?? موجب چيني صدر پاران مبارڪباد واري پيغام تي صدر هڪ خط ۾ سن??س ٿورا مڃيا. صدر آصف علي زرداري صدر شي جن پنگ کي خط جو ??واب ڏيندي گڏيل عملي تعاون کي گهرو ڪرڻ، سدا بهار حصيداري کي مضبوط بڻائڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي مفاد جي لا??ِ گڏيل ڪميونٽي کي فروغ ڏيڻ جي لا??ِ چيني صدر سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو ??ظهار ڪيو. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان ۽ چين رڳو پاڙيسري نه پر مضبوط ڀاءُ آهن، ٻنهي ملڪن پاڪ – چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) سميت ٻطرفي تعاون جي مختلف شعبن ۾ نمايان اڳڀرائي ڪئي آهي. صدر چيو ته ٻئي ملڪ سدا بهار تعاون جي حصيداري جي ڪاميابي جي لا??ِ پرعزم ??هن. هن چيو ته صدر شي جن پنگ جي اڻٿڪ حمايت سي پيڪ جي ترقي جي لا??ِ لا??مي رهندي، تاريخ پاڪستان ۽ چين کي هڪ منفرد رشتي ۾ ڳنڍيو آهي، سمورن عالمي مسئلن تي گڏيل احترام، افهام تفهيم ۽ گڏيل خيالن سان پاڪ – چين لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيا آهن. صدر چين سان عملي تعاون وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم ??و ورجاءُ ڪندي صدر شي جن پنگ پاران پاڪ – چين دوستي طرف صدر زرداري جي عزم ??ي اعتراف کي پڻ ساراهيو.