اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) پاڪ??تا?? جي 14 هين صدر جي حيثيت سان حلف کڻڻ کانپوءِ صدر آصف علي زرداري کي ايوان صدر ۾ گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. قومي تراني کانپوءِ نئين چونڊيل صدر هٿياربند فوج جي دستي پاران پيش ڪيل گارڊ آف آنر جو معائنو ڪيو. بعد ۾ صدر آصف علي زرداري ايوان صدر جي آفيسرن ۽ عملي سان هٿ ملايو. آچر ڏينهن چيف جسٽس آف پاڪ??تا?? قاضي فائز عيسيٰ صدر آصف علي زرداري کان سن??س عهدي جو حلف ورتو هو.