لاهور _ 8 فيبروري (اي پي پي) پنجاب جي نگران وزيراعليٰ چيو آهي ته ??نشاالله پولنگ ڊي امن امان سان گذري ويندو. چيف سيڪريٽري ۽ آئي جي پنجاب هر ڊويزن ۽ ضلعن ۾ امن امان لاءِ بهترين انتظام ڪيا آهن. پولنگ ڊي جي موقعي تي پن??نجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته ??هرين جي تحفظ لاءِ اضافي نفري مقرر ڪئي وئي آهي. سمورن حساس پولنگ اسٽيشنز تي ڳجهون ڪيمرائون لڳايون ويون آهن. ووٽ ماڻهن جو حق آهي، ڊڃڻ جي ضرورت ناهي. عوام جو تحفظ ڪنداسين. هن چيو ته ??ليڪشن جي حوالي سان سموريون ت??اريون مڪمل آهن، الله خير ڪندو. شهرين کي مڪمل تحفظ فراهم ڪيو پيو وڃي.