اسلام آباد – 23 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان پا??ستان ۾ تاجڪستان جي سفير عصمت الله نصرالدين الوداعي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ عصمت الله نصرالدين جي پا??ستان تاجڪستان لاڳاپن جي فروغ جي لاءِ ڪردار کي ساراهيو. نگران وزيراعظم تاجڪ سفير مستقبل جي لاءِ نيڪ خواهشن جو پڻ اظهار ڪيو. هن اميد ظاهر ڪئي ته تاجڪستان مان ايندڙ سفير به اهڙي طرح ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي مضبوطي جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندو. تاجڪ سفير عصمت الله نصرالدين پا??ستان تاجڪستان جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي پراڻو ۽ تاريخي قرار ڏنو. تاجڪ سفير پا??ستان ۾ پنهنجي قيام ??ي يادگار ۽ پا??ستاني مهمان نوازي کي ساراهيو. تاجڪستان جي سفير نگران وزيراعظم پاران نيڪ خواهشن تي سندس ٿورا مڃيا.