بيجنگ-29 ڊسمبر (اي پي پي) پا??ستان ۽ چين جي گنڌارا ثقافتي نوادرات تي ٻڌل 3 مهينن جي ڊگهي گڏيل نمائش چين جي شهر شينزن جي ميوزيم آف هسٽري اي??ڊ فوڪ ڪلچ?? ۾ ??اري آهي، ان جو مقصد گنڌارا ثقافت جي دلڪشي ۽ چين ۽ اوڀر ايشيا تي ان جي گهرن اثرن کي پيش ڪرڻ آهي. چيني ويب سائيٽ چائنا اڪنامڪ نيٽ (سي اي اين) موجب شينزن ميوزم، پا??ستان ج?? آثار قديمه ۽ عجائب گهر جي کاتي ۽ چين جي پيلس ميوزم جي انتظام هيٺ گنڌارا هيريٽيج الانگ دا سلڪ روڊ جي عنوان سان نمائش 24 مارچ 2024ع تائين جاري رهندي. نمائش ۾ مجموعي طور تي 203 ثقافتي نوادرات پيش ڪيا ويا آهن جن ۾ پا??ستان جي ست عجائب گهرن جا 173 ۽ پيلس ميوزم جا 30 نمونا شامل آهن. پا??ستان کان آيل نمونا بنيادي طور ت?? آثار قديمه جي کوٽائي مان حاصل ٿيا آهن جن ۾ ٻڌ مت جا مجسما، گنڌارا جي پٿر جي ڪم جا تعميراتي جزا ۽ سون ۽ چاندي جون مختلف شيون شامل آهن، جيڪي گنڌارا آرٽ جي انداز کي ظاهر ڪن ٿيون. پيلس ميوزم کان ٻڌ مت جا مجسما بنيادي طور تي قديم گنڌارا جي علائقي سان تعلق رکن ٿا ۽ قديم شاهراهه ريشم جي ذريعي تبت جي محلن ۾ داخل ٿيا، هي چين ۽ پا??ستان وچ ۾ ثقافتي ۽ فني مٽاسٽا جي ڊگهي تاريخ کي اجاگر ڪن ٿا.