ڪراچي- 22 ڊسمبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي تعليمي امتحانن ۽ سڃاڻپ واري نظ??م کي جديد ٽيڪنالاجي جي دور س??ن هم آهنگ ڪرڻ لاءِ بنيادي تبديلين جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. امتحان ۽ ت??خي?? تعليمي نظ??م جا ٿنڀ آهن ۽ اسان کي انهن قدمن کي اختيار ڪرڻو پوندو جيڪي تنقيدي سوچ، تخليقي صلاحيتن ۽ علم جي حوصلا افزائي ڪن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن انٽر بورڊ ڪوآرڊينيشن ڪميشن (آءِ بي سي سي) جي اهتمام هيٺ ”پاڪستان ۾ امتحان ۽ ت??خي?? جو نظ??م“ جي موضوع تي ٻن ڏينهن واري ڪانفرنس کي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. مدد علي سنڌي چيو ته وسيع تحقيق ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي آمد سان سڄي دنيا ۾ تعليمي منظرنامو تيزي سان تبديل ٿي رهيو آهي ۽ پاڪستان لاءِ ضروري آهي ته هو پنهنجي امتحانن ۽ ت??خي??ي نظ???? ۾ ??ن موجب ضروري تبديليون آڻي. ت??خي?? ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال جي اهميت تي روشني وجهندي وفاقي وزير چيو ته امتحان ۾ ڊجيٽل ٽيڪنالاجي جو استعمال تعليمي نظ??م کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ڏي سگهي ٿو. هن نظ???? ۾ ??نصاف، ديانت ۽ شفافيت جي معيار کي برقرار رکڻ لاءِ اهم قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. مدد علي سنڌي چيو ته پاڪستان جي تعمير ۽ ترقي لاءِ معياري تعليم کانسواءِ ڪو ٻيو رستو ناهي جڏهن ته ٽي بنيادي عمل بهتر نصاب، تربيت يافته استاد ۽ سازگار ماحول کي يقيني بڻائڻ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن ان ڳالهه تي مايوسي جو اظهار ڪيو ته ماضي ۾ تعليم جي اهم ترين شعبي تي ا??وڻين حڪومتن جي پاليسين ۽ سياسي پارٽين جي چونڊ منشور ۾ مناسب ڌيان نه ڏنو ويو. هن چيو ته هاڻي جڏهن قوم عام چونڊن طرف وڌي رهي آهي ته سمورين سياسي پارٽين کي پنهنجي منشور ۾ تعليم، معيشت، پيئڻ جو صاف پاڻي ۽ صحت کي ترجيح ڏيڻي پوندي ڇاڪاڻ ته عوام جا مسئلا حل ڪرڻ انهن جي ذميواري آهي، هن اميد ظاهر ڪئي ته امتحانن ۽ ت??خي?? بابت ڪانفرنس سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي مستقبل جي چئلينجز تي بحث ۽ مباحثي لاءِ هڪ پليٽ فارم فراهم ڪندي ۽ ملڪ جي تعليمي نظ???? ۾ ??هم تبديليون آڻن ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي.