اسلام آباد – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسرن جي مقرري جو اختيار اليڪشن ڪم??شن وٽ آهي، جڏهن ته اليڪشن ڪم??شن آئين ۽ قانون جي روشني ۾ پنهنجي حڪمت عملي جوڙيندي، اسان اليڪشن ڪم??شن کان پڇاڳاڇا نٿا ڪري سگهون ۽ نه وري نگراني ڪري سگهُون ٿا، حقيقت ۾ اليڪشن ڪم??شن نگران حڪو??ت جي نگراني ڪندي آهي. اليڪشن ڪم??شن پاران صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته آئين جي آرٽيڪل 218 (3) تحت ملڪ ۾ چونڊون ڪرائڻ جو واحد ذميوار آئيني ادارو اليڪشن ڪم??شن آف پاڪستان آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن کي اليڪشن ڪم??شن کان شڪايت آهي ته اهو اليڪشن ڪم??شن سان رابطو ڪري سگهي ٿو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسرن جي مقرري جو اختيار حڪومت وٽ نه آهي پر اليڪشن ڪم??شن وٽ آهي، رٽرننگ آفيسرن جي مقرري جي حوالي سان اليڪشن ڪم??شن ئي ٻڌائي سگهي ٿي، حڪومت وٽ اهڙي مقرري جو ڪو اختيار نه آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان جي اندر آئيني حڪومت آهي، اسان آئيني عمل جي پيداوار آهيون، آئين جي آرٽيڪل 19 ۽ 19 (اي) تحت هر هڪ کي اظهار جي آزادي جو حق حاصل آهي، ميڊيا آ??اد آهي ان تي ڪنهن به قسم جي پابندي نه آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سڀني رجسٽرڊ سياسي پارٽين کي هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪري رهيا آهيون، سياسي پارٽين جي اڳواڻن کي تنقيد جو حق حاصل آهي.