اسلام آباد – 14 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم ا??وارالحق ڪاڪڙ سان خيبرپختونخواهه جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) ار??د حسين ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ خيبرپختونخواهه صوبي جي انتظامي معاملن ۽ امن امان جي صورتحال ۽ اسمگلنگ کي روڪڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ نگران وزيراعظم ا??وارالحق ڪاڪڙ جسٽس (ر) ار??د حسين کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. نگران وزيراعظم نگران وڏي وزير جسٽس (ر) ار??د حسين جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته هو صوبي ۾ آزاداڻي ۽ شفاف چونڊون منعقد ??رڻ ۾ اليڪشن ڪميشن جي مدد ۾ پنهنجو آئيني ڪردار ڀرپور طريقي سان ادا ڪندو.