اسلام آباد – 03 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڊيره اسماعيل خان ۾ د??شت??رد حملي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته پاڪ زمين تان جيستائين د??شت??ردي جو ناسور ختم نٿو ٿي وڃي تيستائين د??شت??ردن جي خلاف اسان جي جنگ جاري رهندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم حملي ۾ شهرين جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. هن شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ انهن جي پونئيرن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. نگران وزيراعظم چيو ته جيستائين د??شت??ردي جو ناسور پاڪ زمين تان ختم نٿو ٿي وڃي تيستائين د??شت??ردن جي خلاف اسان جي جنگ جاري رهندي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي قربانين جي ڪري ئي اسان د??شت??ردن جي ناپاڪ ارادن ??ي ناڪام ڪندا آيا آهيون. نگران وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.