اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگر??ن پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ڏهين ڪامن ??يل?? يوٿ منسٽرز اجلاس جو باضابطا افتتاح ڪري ڇڏيو. نگر??ن پرڏيهي وزير ڏهين ڪامن ??يل?? يوٿ وزارتي اجلاس (سي وائي ايم ايم) جي اجلاس جي صدارت ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب پاڪستان 30 سالن ۾ پهريون ڀيرو ڪامن ??يل?? ايونٽ جي قيادت ڪري رهيو آهي. وزارتي اجلاس جيڪو 12 کان 15 سيپٽمبر تائين لنڊن ۾ منعقد ٿي رهيو آهي، جو ٿيم ”ايم هائر: ڊيليورنگ مور فار ينگ پيپل ان دي ڪامن ??يل??“ آهي. پاڪستان اجلاس جي صدارت سنڀالي ورتي آهي ۽ هو ايندڙ سال ساموا ۾ ٿيندڙ دولت مشترڪه جي حڪومتي سربراهي اجلاس کان اڳ ايجنڊا جوڙڻ ۾ فعال ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. نگر??ن پرڏيهي وزير جي لنڊن وزارتي اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ وزيرن ۽ دولت مشترڪه جي اعليٰ عهديدارن سان ملاقات پڻ متوقع آهي. پاڪستان دولت مشترڪه ۽ ان جي فليگ شپ ڪامن ??يل?? يوٿ پروگرام کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو جيڪو ان جي پنجاهين سالگرهه جي موقعي تي ٿي رهيو آهي. نگر??ن پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ان موقعي تي ن??جو??نن جي لاءِ سيڙپڪاري ۽ موقعا پيدا ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن تي روشني وڌي. هن چيو ته مشغوليت ن??جو??نن جي معاشري ۾ انهن جي اونرشپ وڌائي ٿي. هن عالمي پائيدار ترقي جي ايجنڊا ۾ ن??جو??نن جي شموليت کي وڌائڻ جي لاءِ دولت مشترڪه جي ڪردار جو پڻ ذڪر ڪيو.