اسلام آباد _ 18 آگسٽ (اي پي پي ) ڊاڪٽر نديم جان نگران وفاقي صحت واري وزير جي حيثيت ۾ پنهنجي وزارت جو قلمدان سنڀالي ورتو آهي . صحت واري وزارت جي ترجمان طرفان جاري بيان مطابق وفاقي صحت واري سيڪريٽري افتخار علي شلوني ۽اسٽاف صحت واري وزير جي آجيان ڪندي چيو ته ڊاڪٽر نديم جان صحت جي شعبي ۾ شاندار خدمتن جي اعتراف ۾ ستاره امتياز حاصل ڪري چڪو آهي . هو پاڪستان ۾ پوليو جي خاتمي لاءِ پنهنجن خدمتن جي بدولت عالمي شهرت رکي ٿو . چارج سنڀالڻ بعد وزارت جي آفيسرن ۽ هيڊ آف ڊيپارٽمنٽ ??ان تعارفي ملاقات به ڪئي . ان موقعي تي وفاقي صحت کاتي جي سيڪريٽري افتخار شلواني ، ايڊيشنل سيڪريٽري ڪامران رحمان خان ، ڊي جي هيلٿ ، جوائنٽ سيڪريٽري ۽ ٻيا آفيسر به موجود هئا . ان موقعي تي نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر نديم جان چيو ??ه صحت واري وزارت کي درپيش چيلنجز ??ان منهن ڏيڻ لاءِ ڀرپور صلاحيتن کي استعمال ۾ آندو ويندو . ??سا?? کي ملڪ ۽ قوم جي فلاح ۽ ڀلائي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪرڻو پوندو . صحت جو شعبو ??سا?? جي پهرين ترجيح آهي . عوام جا مسئلا گهٽ مدت ۾ حل ڪنداسي ، ??سا?? سڀن کي گ??جي ڪم ڪرڻو پوندو . ڊاڪٽر نديم جان چيو ??ه صحت جي شعبي ۾ مفاد عام لاءَ انقلابي ۽ فلاحي منصوبن جي بنياد رکنداسي .