اسلام آباد – 21 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ڪو به مذهب، معاشرو اظه??ر جي آزادي جي نالي تي مقدس هستين، علامتن ۽ آسماني ڪتابن جي بي حرمتي جي اجازت نه ٿو ڏي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته قرآن پاڪ، تورات ۽ انجيل جي بي حرمتي جي اجازت ڏيڻ ڪڌي ايجنڊا جو حصو آهي، جنهن جو واحد مقصد عالمي امن کي خطرن ۾ وجهڻ آهي. وزيراعظم چيو ته هو او آءِ سي ۽ مهذب دنيا کان مطالبو ڪري ٿو ته اهي اڳتي اچن ۽ مقدس ڪتابن جي بي حرمتي جهڙي مڪروهه عمل کي روڪڻ جي لاءِ قدم کڻن. وزيراعظم چيو ته اهڙن روين کي روڪڻ جي ض??ور?? آهي، جيڪي مذهبي نفرت کي هوا ڏين ٿا، تشدد کي فروغ ڏين ٿا ۽ دهشتگردي ۽ عسڪريت پسندي جي حوصلا افزائي ڪن ٿا. وزيراعظم چيو ته اسان کي آڱري?? تي ڳڻڻ جيترن شيطاني ڪردارن کي امن، رواداري ۽ اجتماعي?? جي اسان جي گڏيل قدرن کي ڪمزور ڪرڻ نه ڏيڻ گهرجي.