اسلام آباد – 24 – جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزارت ۽ نيول ه??ڊڪ??ارٽرز جي وچ ۾ سالياني اسٽاف ڳالهه ٻولهه پرڏيهي آفيس ۾ ٿي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان ۽ ڊپٽي چيف آف نيول اسٽاف (آپريشنز) وائيس ايڊمرل اويس اي بلگرامي ڳالهه ٻولهه ۾ لاڳاپيل ڌرين جي قيادت ڪئي. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر اجل??س جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ ميري ٽائيم افيئرز جي وزارت پڻ شرڪت ڪئي. ملاقات پاڪستان جي سامونڊي مفادن بشمول ميري ٽائيم سيڪيورٽي، بليو اڪانومي، ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ، ماحولياتي تحفظ ۽ موسمياتي تبديلي جي ض??ور??ن بابت هڪ ٺوس جائزو وٺڻ جو مو??عو فراهم ڪيو. بيان موجب سامونڊي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مختلف علائقائي ۽ عالمي فورمز ۾ پاڪستان جي شرڪت ۽ مختلف شعبن ۾ عالمي تعاون ۽ صلاحيت وڌائڻ جي موقعن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجل??س جي شرڪت ڪندڙن پاڪستان جي سامونڊي مفاد مڪمل طور تي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ميري ٽائيم ڊومين ۾ سمورين لاڳاپيل ڌرين جي ڪوششن کي هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ هڪ ٺوس قومي ميري ٽائيم پاليسي فريم ورڪ کي جلد کان جلد حتمي ??ڪل ڏيڻ جي ض??ور?? تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر پاڪستان جي سامونڊي ۽ بليو اڪانومي جي صلاحيتن جي ادراڪ ۽ سامونڊي ڊومين ۾ موثر عالمي حصيداري کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ هڪ فعال ملڪي ماحولياتي نظام کي تيار ڪرڻ جي ض??ور?? تي زور ڏنو. شرڪت ڪندڙن ان مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ هم آهنگي کي گهرو ڪرڻ ۽ لاڳاپيل ڌرين سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو وچن ڪيو.