اسلام آباد- 09 جون (اي پي پي) ناڻي وفاقي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چي آهي ته بجيٽ ۾ مهمند ڊيم ??اءِ 10 ارب 50 ڪروڙ رپيا ۽ داسو ڊيم ??اءِ 58 ارب رپيا فراهم ڪيا ويندا. بجيٽ تقرير ۾ ناڻي واري وزير چيو ته گذريل سال مهمند ڊيم جي تڪميل لاءِ 12 ارب رپيا فراهم ڪيا. ايندڙ مالي سال ۾ به ان منصوبي لاءِ 10 ارب 50 ڪروڙ ر??ين جي رقم رکي پئي وڃي. هن چيو ته اهڙيءَ طرح 2160 ميگاواٽ گنجائش رکندڙ داسو ??ائ??ڊرو پاور پراجيڪٽ لاءِ ترجيحي بنيادن تي تقريبن 59 ارب رپين جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي. ناڻي واري وزير چيو ته ديامير ڀاشا ڊيم ??اءِ 20 ارب رپيا فراهم ڪيا ويندا. ٻين اهم منصوبن ۾ 969 ميگاواٽ جي نيلم جهلم ??ائ??ڊرو پاور پراجيڪٽ لاءِ 4 ارب 80 ڪروڙ رپيا، تربيلا ??ائ??ڊرو پاور جي گنجائش ۾ واڌ لاءِ 4 ارب 45 ڪروڙ رپيا ۽ وارسڪ ??ائ??ڊرو اليڪٽرڪ پاور اسٽيشن جي بحاليءَ لاءِ 2 ارب 60 ڪروڙ ر??ين جي رقم فراهم ڪئي ويندي. هن چيو ته انهن منصوبن سان زرعي شعبي لاءِ پاڻي جي فراهمي ۽ سستي بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت ۾ اضافو ٿيندو.