اسلام آباد – 08 – جون (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪ??ئو??سل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي ح??اي?? جاري رکندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته 4 جون تي جارحيت جو شڪار معصوم ٻارن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو. هن چيو ته هي ڏينهن اسان کي ڪشميري ??ارن جي خراب حالت جي ياد ڏياري ??و جيڪي ڀارتي فوج جي مسلسل گهيراءُ ۽ وحشياڻي ڏاڍ جي ڪري ??سلسل مشڪلاتن جو شڪار آهن. ترجمان چيو ته ڪشميري ??ارن جي هڪ پوري ??سل خوف، تشدد ۽ ڏاڍ جي ماحول ۾ وڏي ٿي آهي، ڪشميري ??تيم ٻار معاشي مشڪلاتن، اڪيلائپ ۽ نفسياتي صدمي جو پڻ شڪار آهن. هن چيو ته ڀارتي فورسز پاران پيلٽ، گولين ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گئس جي گولن سان هڪ وڏي انگ ۾ شاگرد ٻار زخمي ٿيا، انهن مان ڪيترائي اکين جي نور کان مڪمل يا جزور طور تي محروم ٿي چڪا آهن. هن چيو ته گڏيل قومن ڀارت تي زور ڏنو آهي ته هو ٻارن جي تحفظ جي لاءِ احتياطي تدبيرون اختيار ڪري جن ۾ ٻارن جي خلاف ڇَرن جو استعمال بند ڪرڻ پڻ شامل آهي. ترجمان چيو ته اسان ڀارت تي زور ڏيون ٿا ته هو ان مطالبي تي عمل ڪري ۽ ڪشمير جي ٻارن کي تشدد، بي گهر ٿيڻ ۽ صدمي کان بچائي. ترجمان ان عزم جو ڀرپور ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪ??ئو??سل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميرين ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي ح??اي?? جاري رکندو.