اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ريڊيو ??اڪستان ۽ اي پي پي پشاور جي عمارتن ۽ آفيسن تي پي ٽي آءِ جي هٿياربند جٿن جي حملن جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته پي ٽي وي، پارليا??ين?? ۽ ٻين سرڪاري عمارتن تي حملو ڪرڻ پي ٽي آءِ جو شيوو آهي، جوابدارن کي نه رڳو گرفتار ڪيو ??يندو پر سرڪاري نقصان پڻ وصول ڪنداسين، هي احتجاج نه فساد ۽ دهشتگردي آهي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته جه??ي طرح پي ٽي وي ۽ پارليا??ين?? تي حملو ڪرايو ??يو ??و، اه??ي طرح عمران خان جي چوڻ تي اڄ ريڊيو ??اڪستان ۽ اي پي پي جي آفيسن تي حملو ڪيو ??يو. هن چيو ته عورتن سميت سرڪاري عملي تي تشدد، ڀڃ ڊاهه ۽ ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ دهشتگردي آهي. مريم اورنگزيب چيو ته ڀارت خوش ٿي رهيو آهي ته ڪشمير تي خبرون هلائيندڙ ريڊيو کي عمران خان جي حامين باهه لڳائي ڇڏي، هي هر اهو ڪم ڪري رهيا آهن جنهن سان ڀارت ۾ شادمانا وڄايا وڃن ٿا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ جي هٿياربند فوج چاغي يادگار ۽ ريڊيو آڊيٽوريم کي باهه لڳائي جنهن سان انهن جي ذهني حالت جو اندازو ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته جه??ي طرح عمران خان ملڪ ۽ توشه خانه ڦريو، اه??ي طرح ان جا حامي سرڪاري عمارتن جو سامان ڦري ويا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڊائريڪٽر جنرل ريڊيو ??اڪستان کي شرپسندن جي خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ جو چيو آهي. شرپسندن سرڪاري نشريات به روڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ تارون ڪٽي ڇڏيون جيڪو سنگين رياستي ڏوهه آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پي ٽي وي، پارليا??ين?? ۽ ٻين سرڪاري عمارتن تي حملو ڪرڻ پي ٽي آءِ جو شيوو آهي، جوابدارن کي نه رڳو گرفتار ڪيو ??يندو پر سرڪاري نقصان به وصول ڪنداسين. هن چيو ته هي احتجاج نه، فساد ۽ دهشتگردي آهي. هن چيو ته لاهور ۾ قائداعظم جي گهر کي نشانو بڻائيندڙن کي چاغي جهڙي قومي يادگار، ريڊيو جهڙي رياستي عمارتن جي حساسيت ۽ عزت جو ڪو خيال نه آهي، پوري قوم ان ڪڌي دهشتگرداڻي رويي ۽ قدمن جي مذمت ڪري ٿي.