ڪوئيٽا – 30 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته بل??چس??ان ۾ 19 سالن کانپوءِ قومي رانديون منعقد ٿيڻ خوش آئنده قدم آهي جيڪو ان ڳالهه جي دليل آهي ته بل??چس??ان هڪ پرامن صوبو آهي جتي صحتمنداڻي سرگرمين جو منعقد ٿيڻ ممڪن آهي، منظم انداز ۾ قومي سطح تي انهن راندين جي منعقد ٿيڻ تي منتظمين کي مبارڪباد ڏيان ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار ه?? 34 هين نيشنل گيمز جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي بل??چس??ان جو گورنر عبدالولي خان ڪاڪڙ، راندين ۽ ثقافت وارو صوبائي وزير عبدالخالق هزاره، چيف سيڪريٽري بل??چس??ان عبدالعزيز عقيلي پڻ موجود هئا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته مون کي ان ڳالهه جي خوشي آهي ته قائداعظم محمد علي جناح پنهنجي ذاتي پئسن سان 1948ع ۾ جيڪا ٽرافي خريد ڪئي هئي اها اڄ به بل??چس??ان ۾ موجود آهي ۽ قائداعظم جي بل??چس??ان ۽ راندين سان محبت جو مظهر آهي. قائداعظم محمد علي جناح ۽ محترمه فاطمه جناح نوجوانن جي مثبت رخ ۾ ت??قي تي خاص ڌيان ڏيندا هئا ۽ اڄ به اسان کي انهن عظيم شخصيتن جي رستي تي گامزن رهڻ جي ضرورت آهي. ڪوئيٽا ۾ نيشنل گيمز منعقد ڪرڻ سان پوري دنيا تي واضح ٿيو ته بل??چس??ان هڪ پرامن ۽ محفوظ صوبو آهي، موجوده ۽ اڳوڻي حڪومتن بل??چس??ان ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪيون جيڪي ڪارائتيون ثابت ٿيون، هي صوبو بنا ڪنهن شڪ جي زرخيز ۽ معدني دولت سان مالامال خطو آهي جيڪو پوري ملڪ کي ت??قي جي راهه تي گامزن ڪرڻ جو سبب بڻجي س??هي ٿو. صدر عارف علوي چيو ته بل??چس??ان ۽ پاڪستان جي نئين سر تعمير توهان نوجوانن جي هٿن ۾ آهي، اڄ جي محنت سڀاڻي جي روشن مستقبل جي ضمانت آهي ۽ قائداعظم محمد علي جناح جي فرمانن موجب ترق?? جا هدف اتحاد جي ذريعي ئي حاصل ڪري س??هجن ٿا ۽ اهو واضح آهي ته ڪا به طاقت بل??چس??ان ۽ پاڪستان کي ت??قي ڪرڻ کان نه ٿي روڪي س??هي. صدر سمورن رانديگرن، منتظمين ۽ پوليس کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته بهترين ۽ منظم انداز ۾ قومي سطح جون رانديون منعقد ڪرڻ هڪ ٽيم ورڪ جو نتيجو آهي، 34 هين نيشنل گيمز جي پڄاڻي واري تقريب ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪامياب ٽيمن سان گڏوگڏ بل??چس??ان جي راندين ۽ ثقافت واري وزير عبدالخالق هزاره، چيف سيڪريٽري بل??چس??ان عبدالعزيز عقيلي، سيڪريٽري اسپورٽس محمد اسحاق جمالي، بل??چس??ان پوليس جي نمائندي کي شيلڊ پيش ڪئي. تقريب ۾ بلوچي چاپ سميت رنگارنگ پروگرام پڻ پيش ڪيا ويا.