اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف عمان جي سلطان هيثم بن طارق بن تيمور آل سعيد سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ کيس عيدالفطر جي خوشي جي موقعي تي مبارڪباد ڏني. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزي??اع??م محمد شهباز شريف عمان جي سلطان هيثم بن تيمور آل سعيد کي ٽيليفون ڪيو ۽ عيدالفطر جي خوشي جي موقعي تي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزي??اع??م پاڪستان ۽ عمان جي ??چ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن، خاص طور تي اسٽريٽجڪ، اقتصادي ۽ واپاري شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي حوالي سان بي پناهه امڪانن کي اجاگر ڪيو. ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ تاريخي ڀائراڻن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي هن ٻنهي سامونڊي پ??ڙي??رين جي ??چ ۾ اداراجاتي ۽ اقتصادي رابطن کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. عمان جي سلطان وزي??اع??م جي عيد جي مبارڪباد جو گرمجوشي سان جواب ڏنو ۽ پاڪستاني عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل مقصدن ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام جي ترقي ۽ خوشحال جي لاءِ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ع??م جو ورجاءُ ڪيو.