اسلام آباد – 20 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف فوج ۽ ان جي سربراهه جي خلاف ٻاهرئين ملڪ غليظ مهم جي شديد مذمت ڪندي ??يو آهي ته آرمي چيف جي خلاف مهم ناقابل برداشت ۽ ادارن جي خلاف سازش جو تسلسل آهي، ٻاهرئين ملڪ محب وطن ??اڪس??ان?? فارن فنڊ مهم جي خلاف آواز اٿارين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ??يو ته ٻاهرئين ملڪ پاڪس??ان??ن جي ذريعي زهريلي سياست کي ڦهلايو پيو وڃي. وزيراعظم ??يو ته ٻاهرئين ملڪ پاڪس??ان?? ان سازش جو حصو نه بڻجن، عمران خان ادارن ۽ ان جي سربراهن کي پنهنجي گندي سياست ۾ گهلي آئين شڪني ڪري رهيو آهي. وزيراعظم ??يو ته وفاقي گهرو وزير ملڪ جي ان??ر ادارن جي خلاف غليظ مهم هلائيندڙن کي سختي سان منهن ڏي. پاڪستان ۾ افراتفري، فساد ۽ بغاوت کي هوا ڏيندڙن جي خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، ميرٽ تي مقرر ٿيندڙ آرمي چيف جي خلاف مهم ملڪ دشمنن جي ايجنڊا ئي ٿي سگهي ٿي، قوم پنهنجي ادارن سان گڏ آهي، شرپسندن جي خلاف متحد آهي.