اسلام آباد -05 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي، ته وزيرا??ظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي ڪانفرنس ۾ شرڪت ل??ءِ 2 ڏينهن جي دوري تي دوحه پهچي ويو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته وزيرا??ظم اڄ شروع ٿيل گڏيل قومن جي گهٽ ترقي يافته ملڪن جي ڪانفرنس جي پنجين اجلاس ۾ شر??ت ڪري رهيو آهي. وفاقي وزير چيو ته قطر جي امير ڪانفرنس ۾ شريڪ مختلف ملڪن جي سربراهن ۽ وزيراعظمن جي اعزاز ۾ آجياڻو ڏيندو. هن چيو ته وزيرا??ظم محمد شهباز شريف قطر جي امير جي آجياڻي ۾ شر??ت ڪندو. مريم اورنگزيب چيو ته وزيرا??ظم 6 مارچ تي ڪانفرنس کي به خط??ب ڪندو.