اسلام آباد – 03 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته دهشتگردي خلاف رياست ذرو برابر به ??رداشت جو مظاهرو نه ڪندي ۽ ڪنهن به ??ورت ۾ دهشتگردي کي وڌڻ ويجهڻ نه ڏنو ويندو، ملڪي مفادن ۾ اسان سڀني کي گڏجڻو پوندو، 7 فيبروري تي آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ شرڪت جي لاءِ عمران خان کي به ??عوت ڏني آهي. وزيراعظم پنهنجي مختلف ٽوئيٽس ۾ چيو ت?? ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ سول ۽ ملٽري قيادت پاڪستان جي عوام جي جان ۽ مال جي هر قيمت تي تحفظ جو وچن ورجايو آهي. هن چيو ت?? جيڪي به معصوم ماڻهن تي حملا ڪن ٿا انهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو ۽ ڪنهن به ??ورت ۾ دهشتگردي کي ٻيهر ڪَر کڻڻ نه ڏنو ويندو. هن چيو ت?? گڏجاڻي ۾ ملڪ جي سيڪيورٽي تي غور ويچار ڪيو ويو ۽ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ت?? وفاق ۽ صوبا هڪ ئي پاليسي اختيار ڪندا. جڏهن ته نيسنل ايڪشن پلان تي به ??ور ويچار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. جڏهن ته جاچ فرانزڪ ۽ ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ کي سگهارو بڻائڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. هن چيو ت?? ميڊيا مذهبي عالم ۽ سياسي اڳواڻ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ۽ ماڻهن ۾ عوامي راءِ جوڙين. هن چيو ت?? دهشتگردي جي خلاف رياست ذرو برابر به ??رداشت جو مظاهرو نه ڪندي. جڏهن ته گڏجاڻي ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ت?? في??لن تي عملدرآمد جي لاءِ اداراتي مڪينزم ٺاهيو ويندو. جڏهن ته وزيراعظم ان کانسواءِ چيو ت?? مون ملڪي مفادن جي لاءِ سڀني کي گڏ کڻي هلڻ جو سوچيو آهي ان جي لاءِ 7 فيبروري تي اسلام آباد ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس گهرائي آهي جنهن ۾ مون عمران خان کي پڻ دعوت ڏني آهي ڇو ت?? ملڪي مفادن جي لاءِ اسان سڀني کي گڏجي ??يه??و پوندو ۽ پنهنجا ذاتي اختلاف وسارڻا پوندا.